شهلا رضا عورت هاڪي ٽيم جي مئنيجر، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

ڪراچي( م ڊ) سنڌ جي وزير ۽ پ پ اڳواڻ کي پاڪستان جي عورتن جي هاڪي ٽيم جي مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي سخت تنقيد به ٿي رهي آهي. پاڪستان هاڪي ٽيم 15 آگسٽ کان ٿائلينڊ ۾ ٿيندڙ انڊور ايشيا ڪپ ۾ حصو وٺي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي سندس مقرري کي سياسي سڏيو پيو وڃي. پر هاڪي فيڊريشن عملدار ان جو انڪار پيا ڪن. صحافي عتيق ٽوئيٽ ڪندي چيو ته انڊور ۾ هاڪي ٽيم جو ڪو تجربو  ناهي، ان باوجود ڪروڙين رپين جي خرچ جو ڪير ذميوار آهي.سيده ام حبيبه لکيو آهي ته جڏهن شهلا رضا ٽيم مئنجمينٽ ۾ ويندي ته اسپورٽس جي حالت ڇا هوندي. سيده عائشه نالي صارف لکيو ته شهلا رضا ڏکئي وقت ۾ هاڪي جي عورتن واري ٽيم سان گڏيل آهي، ان جو به ڪردار آهي. هوڏانهن پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي وقتي سيڪريٽري حيدر حسين رابطي تي چيو ته شهلا رضا جي مقرري اڳوڻي سيڪريٽري آصف باجوا ڪئي هئي. هن چيو ته شهلا رضا جي مقرري سياسي ناهي، هو 2018ع کان هاڪي ايسوسئيشن جي چيئرپرسن رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.