رياست مدينه بڻائڻ جي دعوى ڪندڙ چوڪيدار پاڻ وڏو چور نڪتو: منظور وساڻ

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آھي، ته فارن فنڊنگ فيصلي کان پوءِ عمران ۽ اُن جي پارٽي جو مستقبل خطري ۾ ڏسي رھيو آھيان، فارن فنڊنگ فيصلي بعد عمران نيازي تقريرن ۽ ڌمڪين کان ھاڻ ايلاز منٿون ڪرڻ تي لھي آيو آھي. منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ فيصلي کان پوءِ بني گالا مان روئڻ جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا آھن، هن چيو ته ملڪ کي رياست مدينه بڻائڻ جي دعوى ڪندڙ چوڪيدار پاڻ وڏو چور نڪتو، عمران خان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪري کيس ڪوڙو هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.