” گهڻو ٿيو “ پي ڊي ايم جو اسٽيبلشمينٽ ۽ اٽڪ پار پيغام

لاهور (تبصرو: عمران شفقت ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ هر طرح جي اسٽيبلشمينٽ ادارن، سسٽم جي اندر ويٺلن ۽ اٽڪ پار اهو پيغام پهچائي ڇڏيو ته گهڻو  ڪجهه ٿي چڪو هاڻي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ هر طرح جي لاڏلي لاءِ گنجائش ختم ٿي چڪي، جيڪڏهن اڃان به گنجائش ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ هي ملڪ ۽ اوهان، اسان جو خدا حافظ، اهو پيغام عمران خان تائين به پهچي چڪو آهي نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم اڳرائي ءَ  واري صورتحال ۾ اچي وئي آهي ۽ عمران خان خاموشيءَ  واري حالت ۾ آهي، شايد سمورا فون ۽ دريون بند ٿي چڪيون آهن ۽ پي ٽي آءِ جي سياست تيزيءَ سان اوندهه طرف سفر ڪري رهي آهي، روشنيءَ  جو ڪو به ڪرڻو پري پري تائين نظر نه ٿو اچي، هاڻي ڪنهن غيبي مدد جو امڪان به نظر نه اچي رهيو آهي.

  •  توشا خانا جا تحفا وڪڻڻ جو الزام، عمران خلاف ريفرنس داخل

لاهور (عوامي آواز نيوز) اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ حڪومت جا حوصلا بلند ٿي ويا آهن، عمران خان کي سياست مان هيمشه لاءِ ٻاهر ڪڍڻ جون هر طرف کان ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. هڪ طرف حڪومت عمران خان کي تاحيات نااهل ڪرائڻ لاءِ 12 نڪاتي ريفرنس تيار ڪري ورتوآهي. جيڪو ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ داخل ٿيڻ جا امڪان آهن ته ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ  جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف توشا خانا جا تحفا وڪڻڻ وارن الزامن تي ٻڌل ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي اماڻي  ڇڏيو آهي ۽ عمران خان کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، اتحادين جي تڪڙن ۽ سخت قدمن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ قيادت جي چهرن ۽ عملن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو دفاعي پوزيشن ۾ هلي وئي آهي، سندن ڳالهين مان جوش ۽ جذبو ختم  ٿي ويو آهي، سندن ڳالهيون مان  محسوس ٿي رهيو آهي ته اندر ۾ بلڪل به کوکلا ۽ مايوس ٿي چڪا آهن، کين احساس ٿي ويو آهي ته سندن سياست جو سج لهي رهيو آهي، هينئر تائين ته اها صورتحال آهي باقي پاڪستان آهي جتي ڪجهه به ممڪن آهي.

 

  • جنرل آصف غفور جي ڪور ڪمانڊر ٿيڻ تي عمران خان خوش

اسلام آباد (پي ٽي آءِ  سوشل ميڊيا ) جنرل آصف غفور جي ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر طور مقرري تي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان ۾ خوشيءَ  جي لهر ڊوڙي وئي آهي، پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا جي اينڪر عمر دراز گوندل جو چوڻ آهي ته عمران خان تمام گهڻو خوش آهي ڇو ته عمران خان جو وزيراعظم طور موقف هو ته جنرل آصف غفور کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو وڃي جنهن تي تڪرار کڙو ٿيو هو، اسٽيبلشمينٽ جنرل نديم انجم جي مقرريءَ  تي زور ڀريو ۽ آخر ڪار مقرر به ڪيو، هاڻي جڏهن جنرل آصف غفور کي ڪوئيٽا جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي ته عمران خان خوشي جو اظهار ڪيو آهي، شايد کيس  ان طرف کان ڪو رليف ملڻ جي به اميد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.