ڊالر وڌيڪ 5 رپيا ڪري پيو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، سون 2100 رپيا سستو

ڪراچي (رپورٽر) انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گھٽتائي جو سلسلو جاري آھي، انٽر بينڪ ۾ گذريل ڏينھن ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ٿي ۽ ڊالر جي قدر ۾ مجموعي طور 4.19 سيڪڙو گھٽتائي ٿي. ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ جاري آھي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو مُلهه وڌيڪ 5 رُپيا 79 پئسا لاٿ بعد 223 رُپيا ٿي ويو، فاريڪس ايجنسين طرفان ڊالر جي مُلهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اُميد ظاهر ڪئي وئي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو قدر 3 رپيا گهٽ ٿي 226 رپيا آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لڳاتار ٽئين ڏينهن هاڪاري لاڙو رهيو. انڊيڪس 356 پوائنٽن جي واڌ سان 41425 پوائنٽن تي بند ٿيو. هوڏانهن فاريڪس ايسوسئيشن اميد ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف کان قسط ملڻ بعد ڊالر 180 رپين کان 190 رپين تائين پهچڻ جي اميد آهي. هوڏانهن فاريڪس ايسوسئيشن جي ملڪ بوستان چيو ته آءِ ايم ايف قسط ملڻ بعد ڊالر 180 رپين تائين پهچندو، جيڪا ان جي سطح آهي.سون جي قيمت ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي. سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2100 رپين جي لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 43 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 22 هزار 771 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 21 ڊالر واڌ سان 1787 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.