بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائي سگهندڙ بيوس والد تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي!

ميرپوربٺورو(رپورٽ : شوڪت سومرو)  بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائي سگهندڙ بيوس والد واٽر سپلائي تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، آسپاس جي شهرين هڪ ڪلاڪ جي ڪوشش کان پوءِ نوجوان کي تلاءُ مان ڪڍيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي شهر وچ ۾ قائم واٽر سپلائي تلاءُ ۾ نوجوان اچانڪ جمپ هڻي ڇڏيو ۽ موقعي تي ٻڏي ويو جنهن تي آسپاس جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ تلاءُ ۾ گهڙي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڏني جڏهن ته هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد مقامي ماڻهن پاران نوجوان کي پاڻي کان ٻاهر ڪڍي فوري طور تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽرن نوجوان جي پاڻي اندر ئي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، هوڏانهن نوجوان جي سڃاڻپ امين ولد خداڏنو جاداڻي طور ٿي آهي جيڪو بٺورو لڳ دڙي موري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، اکين ڏٺن شاهدن موجب نوجوان بس اسٽاپ کان ئي ڊوڙندو آيو ۽ واٽر سپلائي تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي وارثن موجب نوجوان امين جاداڻي غربت سبب پنهجي بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائي پئي سگهيو ۽ پريشاني ۾ مبتلا هو جنهن سبب اڄ صبح اچانڪ گهران نڪري ويو ۽ سندس فوت ٿيڻ جي خبر ملي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.