سنڌ اسيمبلي ۾ ورڪرز ويلفيئر فنڊ سميت 2 بل منظور

ڪراچي( رپورٽ: محمد علي نقرچ   ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ اڍائي وڳي شروع ٿيو،  اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر واري پاسي صرف پي ٽي آءِ جا ٻه ميمبر ويٺل رهيا، منصوبابندي ۽ ترقي کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوبي ۾ 2010 جي ٻوڏ دوران غربت جي خاتمي وارو پروگرام شروع ڪيو هو، جيڪو هاڻي پوري سنڌ ۾ هلي پيو، هن چيو ته عورتن کي ڪاروبار توڙي هنر لاءِ رقم ڏني وئي، 54 هزار 415 جي ٽارگيٽ مان 35 هزار عورتن کي فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن اڃا ڪم جاري آهي، هن چيو ته ان کانسواءِ سرڪار سستا گهر اسڪيم تحت 28 هزار 695 گهرن مان 20 هزار گهر ٺاهي ڏنا آهن، ان حوالي سان سنڌ سرڪار 12 ارب رپيا به خرچ ڪري چڪي آهي. سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا بابت سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪميشن ذريعي 14 پلاننگ آفيسر رکيا ويا، انهن کي آرڊر ڏيڻ وقت سرڪاري قانون تي عمل ڪيو ويو، ان کانپوءِ ايوان ۾ سنڌ شهري غير منقوله پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل متعارف ڪرايو ويو، جڏهن ته  سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ بل ۽ سنڌ ڪمپنيز پرافٽ مزدورن جي شراڪت  ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا جيڪي ٻئي منظور ڪيا ويا، پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ بل تي ڳالهائيندي ايوان کي آگاهي ڏني ته ارڙهين ترميم بعد ورڪرز ويلفيئر لاءِ 15/2014 ۾ قانون ٺاهيو ويو، جنهن تحت سنڌ روينيو بورڊ ڪليڪشن ڪندو هو، جنهن کي آسان ڪرڻ لاءِ هي بل آندو ويو آهي، جئين پورهيتن لاءِ اوڳاڙي جو معاملو ايس آر بي وٽ هجي،جڏهن ته  سنڌ اسيمبلي ۾ بلوچستان ۾ فوجي هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ يڪراءَ سان منظور ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.