پوليس جي جاچ ٽيم غازي ڳوٺ پهتي، ڳوٺاڻن جا بيان قلمبند

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي سچل ٿاڻو پوليس ۽ روينيو عملدارن پاران عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي کي مسمار ڪرڻ ۽ پرامن احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ خلاف ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران مقرر ڪيل جاچ ٽيم جي اهلڪارن غازي ڳوٺ پهچي پوليس فائرنگ ۾ زخمي ڪيل مردن ۽ عورتن کان بيان ورتا جنهن دوران متاثر رهواسين سچل پوليس جي سرپرستي ۾ ڳوٺ ڊاهي اِي بلاڪ کي مسمار ڪرڻ جي سموري رٿا بندي بابت لکت بيان ڏنا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته اسان جا سمورا گهر قانوني طرح ليز ٿيل آهن ۽ سرڪار جون سموريون ٽئڪسون پڻ ادا ڪيون ٿا پر پوليس بلڊر مافيا کان ڳري رشوت وٺي اسان جا گهر مسمار ڪرڻ چاهيان جنهن خلاف اسين عورتن، مردن، ٻارن پرامن احتجاج ڪيو ته مٿن گوليون، شيل وسايا ويا جنهن ۾ عورتن، ٻارن سميت 17 ڄڻا زخمي ڪيا ويا ٻئي طرف عبدالله شاهه غازي ڳوٺ والدين 18هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو ،رياض کيمٽيو ،ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، مجيب کهاوڙ، معشوق منگي ،رزاق سيال ،شبير پٺاڻ ،مرتضي شاهاڻي ،فاروق ڀنگوار، محبوب کوسو، سچل وڌو، پنهل لاڙڪ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ انصاف لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.