خانپورمهر پوليس جي مبينا تشدد ۾ پيرسن مارجي ويو، اهلڪار يرغمال، لاش رکي ڌرڻو

خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر پوليس مبينا چورن جي موجودگي واري اطلاع تي مسوواھ ڀرسان ٽي مُهي وٽ ويٺل عالماڻي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران پوليس اهلڪارن هوائي فائرنگ  ڪئي ته اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿي پيون، جڏهن ته پوليس جي مبينا تشدد سبب ڳوٺاڻو عبدالقادر قادر عالماڻي کي مارجي ويو، هوڏانهن عالماڻي برادري جي ماڻهن پاران فوتي جو مڙھ رکي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مڇريل عالماڻي برادري جي ماڻهن ٽن پوليس اهلڪارن صدام مھر، زاهد چاچڙ ۽  اڪرام مهر کي سوگهو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ يرغمال بڻائي ڇڏيو، هوڏانهن واقعي جي اطلاع بعد ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير، ايس ايڇ او ذوالفقار مهر ۽ ايس ايڇ او وحيد ڀٽو واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي وارثن سان ڳالھيون ڪري اهلڪارن کي آزاد ڪرايو، هوڏانهن پوليس چڙهائي دوران مارجي ويل ڳوٺاڻي عبدالقادر عالماڻي جو قتل ڪيس سب انسپيڪٽر ۽ پوليس اهلڪارن ۽ جسڪاڻي برادري ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، مقتول جي پٽ عبدلباسط جي فرياد تي سب انسپيڪٽر صفدر بوزدار، اهلڪارن پنهل نوحاڻي، ربنواز مهر  اهلڪار علي محمد سومرو، زاهد چاچڙ ۽ خادم راڄڙ، جڏهن ته جسڪاڻي برادري سان تعلق رکندڙ ديدار جسڪاڻي ۽ اڪبر جسڪاڻي سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس اهلڪارن ۽ جسڪاڻي برادري جي ماڻهن ڪاھ ڪري منهنجي پيءُ کي پڪڙيو ۽ مٿس لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو آهي هوڏانهن فوتي جو مڙھ خانپورمهر جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جڏهن ته مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.