وهڪرن ۾ واڌ، ڊيم ڀرجڻ جي ويجهو، گڊو وٽ وچولي ٻوڏ

سکر (رپورٽ: اختيار علي چنا ) سنڌودرياھ ۾ گڊو بئراج وٽ آبپاشي کاتي طرفان وچولي درجي واري ٻوڏ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آھي، گڊو  بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 84 ھزار 984 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 52 ھزار 721ڪيوسڪ ٿي ويو آھي، جڏھن ته سکر بئراج ۽ تونسا بئراجن وٽ پڻ ھيٺين درجي واري ٻوڏ ھلندڙ آھي، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 3 لک 12ھزار814ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 2لک76ھزار574ڪيوسڪ تونسان بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون ۽ ھيٺاھون وھڪرو 3لک65ھزار576ڪيوسڪ آھي. ٻئي طرف چاچڙان گيج 10.2فوٽن تي پھچي ويو آھي جڏھن ته تربيلا ڊيم  پڻ ڀرجڻ کان 20فوٽ رھجي ويو آھي ڊيم جي سطح 1530فوٽن تي پھچي وئي آھي ڊيم ۾ پاڻي جي آمد  2لک 500ڪيوسڪ اخراج 1لک45ھزار2سو ڪيوسڪ پاڻي آھي جڏھن ته ڪابل ندي۾ پاڻي 55ھزار ڪيوسڪ آھي.ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 1لک94ھزار806ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 1لک70ھزار306ڪيوسڪ چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 2لک85ھزار705ڪيوسڪ ھيٺاھو وھڪرو 2لک33ھزار927ڪيوسڪ آھي ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 1لک81ھزار40ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 1لک53ھزار475ڪيوسڪ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.