ٺاروشاھ مان خانگي اسڪول جي ماسترياڻي اغوا، پيءُ جون دانهون

نوشهروفيروز (رپورٽ: ايم ظفر تڳر) ٺاروشاھ ھريپور محلا ۾ قائم نجي الجليل پبلڪ اسڪول جي ماسترياڻي مقدس چوهاڻ مبينا طور اغوا ٿي وئي ماسترياڻي جي پيءُ راشد چوهاڻ ٺاروشاھ ٿاڻي تي دانهون ڪندي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي نجي اسڪول ۾ ٽيچر هئي جيڪا اسڪول جي موڪل ٿيڻ بعد گم ٿي وئي آھي اسڪول انتظاميان سان رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته ڇوڪري موڪل ۾ اسڪول مان نڪتي آھي جيڪا اڃان تائين گهر نه پهتي آھي هن چيو ته منهنجي نياڻي کي شھر جا ڪجھه اوباش ڇوڪرا موبائيل فون تي ميسج ۽ ڪالون ڪري تنگ ڪندا هئا انهن ۾ شڪ آھي ته انهن ئي منهنجي نياڻي کي اغوا ڪيو آھي هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ٿاڻي آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.