دڙي ۾ عزادارن جو ٻنون مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

دڙو (ن ع آ) دڙي ۾ ٻنون شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، صفائي ،لائيٽنگ ۽ ٻيا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڪامران رضا سومرو، ديوان پرڪاش، غني پليجو، سومار سومرو ،شاهد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي دڙي ۽ ٻ نون شھر جي عزادارن سزوڪي اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنھن ڪري بٺورو ۽ ٻنون روڊ بلاڪ ٿي ويو هوڏانهن احتجاج ڪندڙ عزادارن چيو ته انتظاميا جي نااهلي سبب اڃان تائين ٻنون شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي جڏهن ته ماتمي جلوسن جي روٽ تي گندو پاڻي بيٺل آهي شھر ۾ صفائي ۽ لائيٽنگ جو ڪو بندوبست ناهي جنهن ڪري عزادارن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته ٻنون شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري سمورا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

  • ڪوٽڏيجي ۾ تاريخي کنڀي جي ماتم لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) تاريخي شهر ڪوٽڏيجي ۾ 6 محرم الحرام تي کنڀي جو ماتم برآمد ڪيو ويندو سڪيورٽي جي  انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو ايس ايس پي خيرپور  ملڪ ظفر اقبال رينجرز جا آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي عاصم عباسي ماتمي روٽن جو جائزو وٺي سڪيورٽي جا انتهائي سخت ڪيا ويا پوليس اهلڪارن سان گڏ ليڊز اهلڪار ۽ رينجرس جا نوجوان پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا 8 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي نظر رکي ويندي اسڪائوٽ جي جوانن سان گڏ پوليس اهلڪار به مجلس عزا ۾ ايندڙ ماڻهن جي چيڪنگ ڪندا ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي کي سڀاڻي جي ماتم ۾ پراميڊيڪل جي عملي سان گڏ دوائون ۽ ايمبولينس جو پڻ بندوبست ڪرڻ جون سخت هدايتون ڪيون  ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته مان ۽ ايس ايس پي صاحب گڏجي سڀاڻي ماتمي جلوس جو وزٽ ڪنداسين ڪٿي به ڪوتاهي نظر آئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • مقصودو رند ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا منقعد

مقصودو رند(ن ع آ)  محرم الحرام جي حوالي سان مقصودو رند  ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ عزاداري جو سلسلو جاري ان حوالي سان ڳوٺ ٻاجھي رند ۾ انجمن غازي عباس ، امام بارگاھ منتظر مھدي مقصودو رند ، ڳوٺ غازي خان لاشاري ۾ مجلس  عزا برپا ڪئي وئي مجلس عزا کي مختلف علماء ڪرامن سيد مصور عباس مضور، سيد مجاھد علي ناشاد، مولوي مدد علي سعيدي، مولوي سينگار حسين رند ،  مولوي بخت حسين رند، عرفان علي رند، سائين رکيو رند ، پرين ڏتو رند ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏھن ته مختلف ڳوٺن جي  ماتمي انجمنن دعاءِ زھرا، مراد علي رند ،سھجو رند، حاجي رند، شير خان ٽالپر،  منڌو رند، ولي محمد رند ، ڌگاڻو رند ، خان رند، يارو رند ، مٺو رند، زوار لعل بخش رند، سميت 20 کان مٿي انجمنن نوحه خواني ڪئي ۽ مؤمنن پاران سينه زني ڪئي وئي ان موقعي تي مؤمنن لاءِ نياز نگر ۽ چانھ ۽ ٿڌي سبيلن جو بندوبست ڪيو ويو  ھو.

  • راڄوخاناڻي ۾ هر طرف يا حسين عه جون صدائون بلند

راڄوخاناڻي (ن ع آ)راڄوخاناڻي شھر ۽ اس پاس محرم الحرام جي حوالي سان مجلسون.عزادري ۽ ماتم ۽ علم پاڪ سنگهاري  سوار ڪيا ويا آهن راڄوخاناڻي شهر جي مختلف علائقن جي ٽيھ کان مٿي امام بارگاهن ء پڙن تي محرم الحرام جي حوالي سان علم پاڪ سنگهاري سوار ڪيا پيا وڃن رات جو مختلف امام بارگاهن تي مجلسون منعقد ڪيون ويون آهن مجلسن کان پوءِ ماتم سينا زني ء عزادارن عزادري پڻ شروع ڪئي وئي آهي راجوخاناڻي شھر جي قديمي امام بارگاه بخاري.حيدري دلاور امام بارگاھ امام زمانه طاھرفقير امام بارگاھ سميت مزارين.خاصخيلي.۽ ٻين مختلف پڙن تي پڻ مجلسون منعقد ڪيون ويون.راڄوخاناڻي مسجد امام زمان مي سائين روشن چانڊيو آف ٽنڊوباڳوگل شاھ امام بارگاهن سائين ميرخان سنجراڻي آف دوڙمرڪزي امام بارگاهه دلاور قمبراڻي تي قبلا سائين ساجدعلي ساجدي آف خيرپورميرس واري خطاب ڪندي محرم الحرام مهيني جي فضيلت ۽ ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي ۽ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. محرم الحرام جي حوالي سان شيعا علماءِ ڪائونسل، مجلس وحدت المسلمين، انجمن ابوطالب جي اگواڻن سيف جوادي.محمد حسين جعفري، جمن شيدي، اسد، نبي بخش شيدي، انور حسين انصاري تي مشتمل نگراني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سمورن مامرن ۽ مسئلن بابت آگاهي۽ ماڻھن انتظاميا سان رابطي ۾ رھندا.

  • سيوهڻ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

سيوھڻ (ن ع آ)سڄي ملڪ جيان لعل شھباز قلندر جي نگري سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيد حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن  جانثار شھيدن جي ياد ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي ان سلسلي ۾  پنجين محرم الحرام جي رات جو 3 قديمي ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا جنهن ۾ تعزيئي جو پھريون جلوس سبزواري ساداتن جي پڙ تان ڊاڪٽر سيد مھدي رضا شاھ ۽ سبزواري ساداتن جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو ويو, جڏھن ته تعزيئي جو ٻيو جلوس به درگاھ قلندر جي سجاده نشين سيد گل محمد شاھ عرف راجا شاھ جي اڳواڻي ۾ لڪياري ساداتن جي پڙ تان برآمد ڪيو ويو, جڏهن ته زري مبارڪ جو ٽيون ماتمي جلوس سيد حسن علي شاھ کٽ ڌڻي ساداتن جي پڙ تان برآمد ڪيو ويو. ٽئي جلوس اٺن جي قافلي ۾ پنھجي ڏنل روٽن مطابق مختلف رستن تان ٿيندا قديم الم پاڪ واري صحن ۾ پھتا جتي نوحه خواني سينازني جو ماتم ۽ گول پٽ ڪئي وئي بعد ۾ سمورا جلوس پنھنجن واپس ساڳين پڙن تي پھچي نھرات ڪيا ويا. قديمي ماتمي جلوسن جي روٽن تي مومن عزادرن جي لاء نگر نياز, ٿڌي پاڻي ۽ شربت جي سبيلن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو ھو. جڏھن ته ماتمي جلوسن ۾ وڏي انگ ۾ سيوھڻ جا عزادار ۽ مختلف شھرن جا نوحا خوان ۽ مومنين ڪربلا جي شھيدن کي پرسو ڏيڻ لاء پھچي ويا. جڏھن ته مقامي انتظاميه پاران صفائي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي بھتر انداز ۾ ڪيا ويا.

  • سکر ۾  ڪربلا جي شهيدن ياد ۾ ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو

سکر( رپورٽر  ) 5 محرم الحرام جي حوالي سان ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 300 سالا پراڻي سکر وارو قديمي مسيت وارو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ سکر ضلعي سميت مختلف علائقن کان آيل عزادارن ۽ مومنن ڀرپور شرڪت ڪئي، تاريخي ماتمي جلوس دوران مختلف هنڌن تي سبيلون ۽ ڪيمپون لڳايون ويون. ڪربلا جي شهيدن جو ماتمي جلوس پنهنجي مختلف روٽن کان ٿيندو منزل تي پهتو، تاريخي ماتم دوران سبيلن ۽ ننگر نياز جو اهتمام ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي ايس  ۽ اهلڪارن کي هدايتون پڻ ڏنيون.

  • فريدآباد ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلسون

فريدآباد (ن ع آ)فريدآباد ويجهو ڳوٺ مٿين اکڪڍائي  ۾ مسجد امام حسن مجتبا عليه ۽ ڳوٺ  سيدپور ۾   ميزبان مومنن غلام  عباس چانڊيو  سيد حيدر بخش شاھ محمد حسين چانڊيو حبيب اللھ چانڊيو جي نگراني ۾ مجلسون منعقد ٿيون ـ   مجلسن کي مولانا اوشاق عامر ـ مولوي انجيئر تصور حسين لغاري ـ مولوي عمران دستي ـ مولوي راشد حسين چانڊيو   ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته امام حسين عليه ڪربلا ۾ سر قربان ڪري ناني نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو دين بچايو ـ ڪربلا جي شھيدن کي شاندار لفظن سان ڀيٽا ڏني وئي ـ  جڏهن ته ماتمي جلوسن ۾ ھرطرف ياحسين جو صدائون بلند ڪيون ـ جڏهن ته فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبد الله جويو ـ وڏو منشي خالد سوڍر اي ايس آء لياقت ھالو ـ ننڍو منشي آصف زرداري پوليس ساڻ ڪري مجلسن کي سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا ھئا.

  • خانپور مهر  ۾ ڪربلا  شهيدن جي ياد ۾  مجلس عزا

خانپورمهر (  ن ع آ ) محرم الحرام جو مهينو شروع ٿيندي ئي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ خانپورمهر ۾ مجلسون برپا ڪرڻ جو سلسلو جاري، خانپورمهر جي ميراڻي محلي ۾ سينيئر صحافي نواب علي ميراڻي ۽ سندس ڀائرن گلشير ميراڻي ۽ شوڪت ميراڻي پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڀرپاسي جي مومنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مجلس کي مولوي سيد تقي شاھ، مولانا اشفاق احمد نجفي، مولانا عبدالغفور گڏاڻي ۽ ٻين خطاب ڪري ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل لازوال قربانين تي روشني وڌي، جڏهن ته مشهور نوحه خوانن نوحه پڻ پڙهيا، آخر ۾ مومنن ۾ لنگر نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو.

  • اسلام ڪوٽ  ۾ مرڪزي امام بارگاهه ۾ مجلس عزا منعقد

اسلام ڪوٽ (ت،ر) اسلام ڪوٽ جي مرڪزي امام بارگاه مصري تي امن ڀائيچاري جو مثال قائم،هندو برادري طرفان مجلس عزاء منعقد  ڪئي وئي،جنهن کي علامه ثقح السلام عبدالرسول محسني نجفي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا جي جنگ ڪنهن مذهب سان نه هئي بلڪه برائي ۽ فساد جي خلاف هئي اخلاق کي اجاگر ڪرڻ امام حسين تحريڪ هلائي, امام حسين جيڪا جنگ ڪئي ان جي ئي ڪري اڄ ماءۡ ڀيڻ وارو رشتو قائم آهي اهو حسين جي عطا آهي ۽ حق ۽ باطل جي تفريق بچائڻ لاء امام حسين تحريڪ شروع ڪئي هئي امام کي دين اسلام بچائڻ لاء پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو ۽  حسين هميشه لاء مسافر ٿي ويو هڪ روايت مطابق مولا حسين پنهنجي قبيلي سميت رات جو مدينو ان ڪري ڇڏيو هو ته حسين چاهن پيا ته آئون رات جو انڪري نڪران پيو ته جيڪي سيد زاديون گڏ آهن انهن تي ڪنهن جي نگاھ نه پوي,  مجلس ۾ مومنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, ۽ ٿر جي ناليواري نوحه خوان فقير ڪرم حسين نوحه پڙهي ڪربلا جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي مجلس دوران پوليس  سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا, ھندو لوهاڻه برادري طرفان سڀني مومنن کي نياز لنگر کارايو ويو مجلس ۾ ملڪ جي بقاء ۽ سلامتي لاء دعا گهري وئي

  • ايس ايس پي خيرپور جو سيڪيورٽي حوالي سان ماتمي جلوسن جي روٽن جو دورو 

خيرپور (س ر) ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ محرم جي سلسلي ۾ خيرپور جي مختلف علائقن بنارس ڪالوني ، چانڊيه موڙ ، وانڍ محلا ، لقمان سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو ، دوري دوران جعفريه ضلع ڪائونسل خيرپور جي مرڪزي  اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد امتياز حسين شاهه موسوي ايس ايس پي خيرپور کي امام بارگاهن ، ماتمي روٽن ۽ مجلس عزا جي پروگرامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ، ايس ايس پي خيرپور امام بارگاهن سميت ماتمي روٽن جي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پوليس اهلڪارن کي پنهنجا فرض سختي سان سر انجام ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ، ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محرم الحرام دوران عبادتگاهن ، امام بارگاهن ، عزادارن جي حفاظت لاءِ خيرپور ضلعي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته پوليس گشت کي وڌيڪ فعال بنايو ويو آهي ، ضروري روٽن جي سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ ڊرون ڪيمرائن ضريعي نگراني ڪئي ويندي ، ايس ايس پي ظفر اقبال چيو ته محرم الحرام دوران ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندا سين ، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ، ان موقعي تي سڪيورٽي جا بهتر انتطام هجڻ تي مذهبي اڳواڻن ايس ايس پي خيرپور جا ٿورا مڃيا ، دوري دوران ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق جتوئي ، مذهبي اڳواڻ ايڊووڪيٽ امداد خميساڻي ، محمد علي چانڊيو ، خادم حسين شاهه ،  اطهر راڄپر ۽ ٻيا موجود هئا.

  • ٽنڊو محمد خان ۾ محرم جا جلوس برآمد، مجلسون،عزاداري

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ حيدر شورو  ) ٽنڊو محمد خان ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوسن ، مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري رهيو . ٽنڊو محمد خان شهر جي ، مرحوم مير وڪيو پاران بخاري جي پڙ کان ٻيڙو ڪڍيو ويو . امام بارگاهه علي رضا مان پڙ نڪتو ، جڏهن ته نظير ملاح جي گهر مان مهندي برآمد ڪئي وئي . اسٽيشن روڊ تان ذوالجناحن سان گڏ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . . جيڪو شهر جي مختلف پڙن مير جو پڙ ، بخاري جو پڙ ، ملوڪ شاهه جو پڙ ، وسائي جو پڙ ، ساٽين وارو پڙ ، نظر محمد شاهه دولها جو پڙ سميت شهر جي ننڍن وڏن پڙن مان ٿيندا ساڳي پڙن تي نهر ٿيا . جڏهن ته مرڪزي ميرن واري پڙ ۾ انجمن الحسيني طرفان هر روز جيان مجلس عزا منعقد ڪئي وئي . جنهن کي علامه سائين بخش مناظري ، مرڪزي امام بارگاهه حسيني ۾ انجمن حيدري طرفان مجلس عزا منعقد ڪئي وئي . جنهن کي علامه خليق الزمان رضوي خطاب ڪيو ۽ ڪربلا جي شهيدن جي اسلام جي سربلندي لاءِ ڏنل عظيم قربانين تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.