حيدرآباد ۾ ھلندڙ ڪوچ مان ڪرڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھلندڙ ڪوچ مان ڪرڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، بائي پاس تي نسيم نگر پوليس پوسٽ جي حد بسم الله سي اين جي سامھون حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ مان اوچتو ڪرڻ سبب 38 ورهين جو  علي حسن پٽ اسلم حسين موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب فوتي ھمراھ لطيف آباد يونٽ نمبر 11 جي ايوب ڪالوني جو رھواسي ھو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۾ لطيف آباد مان سوار ٿيو ھو، ھو پنھنجي سيٽ تان اٿي موبائيل فون تي ڳالھائيندي ڪوچ جي دروازي تي اچي بيٺو ۽ اتان اوچتو ھيٺ ڪري فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.