نيوسعيد آباد ۾ تشدد ۾ زخمي نوجوان فوت، 2 جوابدار گرفتار

نيو سعيدآباد( ت ر ) شهر جي مندر محلا جي گهٽي ۾سخت تشدد سبب زخمي ٿين بعد بيهوش ٿيل ديواني صفت نوجوان غلام دستگير عرف پپو ميمڻ کي خبر پوڻ تي نيوسعيدآباد پوليس تعلقه اسپتال نيوسعيدآباد پهچايو جتي کيس طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ لمس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب مٿي ۾ڌڪ لڳڻ سبب سندس هٽي ٽٽي پئي هئي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو آهي، نيوسعيدآباد ٿاڻي تي سرڪار پاران سب انسپيڪٽر قلندر بخش جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾مجاهد راجپوت، غلام شبیر راجپوت ۽8 نامعلوم شهرين تي غلام دستگير عرف ميمڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس ۾نامزد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، چيو پيو وڃي ته قتل ڪيس ۾نامزد ڪيل جوابدارن جي گھر اندر مقتول نوجوان داخل ٿيڻ جي الزام ھيٺ کيس سرن ۽ سيخن سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي نازڪ حالت م لمس اسپتال  حيدرآباد داخل ڪيو ويو هو جتي  غلام دستگير ميمڻ کي نازڪ حالت ھئڻ ڪري آء سي يو وارڊ م داخل آھي ڪيو ويو هو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،مقتول جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس نيوسعيدآباد جي اباڻي قبرستان ۾دفن ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.