ٽنڊو الهيار ۾ جوابدار گرفتار، 4 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار جي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون  ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سي آئي اي عثمان لغاري ۽ سي آئي اي انچارج افضل مگسي خوفيا اطلاع تي ٽنڊوآدم  روڊ تي چڪنگ دوران ڪرولا ڪار مان جهنڊومري جي رهواسي حضور بخش بروهي کي چرس سميت گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ڊي ايس پي سي آئي اي عثمان لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار جوابدار حضور بخش بروهي وٽان 4 ڪلو چرس مليو آهي جنهن تي اي سيڪشن ٿاڻي تي 9c  ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته منشيات فروشن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو منشيات فروش اسان جي حد مان گذريا ته حشر برو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.