صوبائي وزير باري پتافي جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ٻڏل، جنازو کڻڻ به ڏکيو ٿي ويو

داد لغاري (رپورٽ:  امجد لغاري) داد لغاري ۽ ڀرپاسي چي علاقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه  ٿي سگهيو ـڳوٺاڻا گھرن تائين ٿي ويا ،فوتي جو مڙھ دفن ڪرڻ لاءِ  به  ڳوٺاڻا سخت پريشان آھن، جڏھن ته صوباعي  وزير عبدالباري پتافي جي اباڻي ڳوٺ جادو پتافي مان فوتي ڳوٺاڻي عاقل پتافي جو مڙھ دفناعڻ لاءِ سندس وارث 5 ڪلوميٽر تائين رستن ۽ گهرن اڳيان بيٺل پاڻي مان مڙھ پنڌ کڻي ويا جڏھن ته صوبائي وزير پاران پنھجي حلقي مان برسات ختم ٿيڻ جي ھڪ ھفتو باوجود پاڻي نيڪال نه  ڪرائڻ توڙي بي گهر ٿيل خاندانن جي ڪابه  مدد نه ڪئي وئي آھي چڏھن فوتي ڳوٺاڻي جي وارثن جو چوڻ ھو ته گذريل ٻن ھفتن کان برساتي پاڻي جي گھيري ۾ آھيون اسان جا ڪچا گهر مڪمل ڊھي پٽ ٿي ويا آهن ۽ فصل به  مڪمل تباهه  ٿي چڪا آھن ھنن چيو اسان فوتين جا مڙھ به  قبرستان تائين دفناعڻ لاءِ پاڻي مان گذري وڃڻو ٿو پوي ھنن چيو ته  ھن تائين صوبائي وزير باري پتافي توڙي ٻيا عملدار اسان وٽ نه  پھتاآھن.

  • برسات فشنگ زون جي تباهي ڪري ڇڏي آهي: دائم شاهه

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) اڪوا فارمرز ايسوسيئيشن پاڪستان جي صدر دائم شاهه، سينئر نائب صدر ظفر جعفري، جنرل سيڪريٽري سعود شاهه، فنانس سيڪريٽري فقير ناظم لاڙڪ ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تازي  برساتن ضلعي ٺٽي سميت سنڌ جي فشنگ زون جي مڪمل تباهي ڪري ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي خوراڪي ضروريات کي پورو ڪندڙ فش فارم سيڪٽر مڇي جو پيداواري عمل سخت متاثر ٿي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ فشريز ڊپارٽمنٽ ۽ وفاقي اداري فشريز ڊوولپمنٽ بورڊ هن نجي سيڪٽر جي مالي سهائتا ۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ هي نجي سيڪٽر ۽ فارمرز ملڪ جي مڇي جي پيداوار ۽ خوراڪ لاءِ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪري سگهن، هنن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته تازين برساتن جي تباهي ڪارڻ جتي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي اتي نجي مڇي جي فارمنگ جو 70 سيڪڙو سخت متاثر ٿيو آهي، هنن چيو ته اهڙي صورتحال بعد سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي سمورا مڇي جي پيداواري يونٽن جي تباهي جا انگ اکر ڏنا ويندا ته جيئن سنڌ حڪومت، وفاق فارمرن جي لاءِ ڪا مالي سهائتا ڪن، هنن چيو ته مڇي جي پيداوار جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار کي مليل فنڊ ترت جاري ڪيا وڃن ته جيئن مڇي جي صنعت کي هٿي ملي سگهي.

  • شهدادپور ۾پيرسن جو نياڻي جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

شھدادپور( ن ع آ ) انصاف ڏيو شھدادپور جي هاشم سٽي جي جهوپڙي ۾ رهندڙ معزور پيرسن محمد وارث مڱهار  جون ميديا آڏو دانهون  منهنجا پٽ منهنجي چوڻ ۾ نه آھن پني پيٽ پاليان ٿوکيسا فاڙي پيسا به ڪڍي وٺن ٿا هن چيوته منهجي نياڻي کي اسان جي برادري وارو کڻي ويو آھي منهنجي گهر واري مون کي ڇڏي وئي آھي 6 پٽ هوندي بکون پيو ڪاٽيان هن چيوته منهنجا ڏند الهرکيو ڀٿر هڻي ڀڃي ڇڏيا آھن هن چيوته اسين اصل شھدادڪوٽ جارهندڙ آھيون ڇوڪرا دهل وڃائين ٿا هن چيوته پوليس به منهنجي نه ٿي ٻڌي خدارا انصاف ڪندڙمون ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺن 

  • خيرپور جي اوڀاري واري علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار

خيرپور (س ر) چوماسي برساتن کان پوءِ خيرپور ، ڪوٽڏيجي ، شادي شهيد ، اڀن شاهه ، راڄپاري ، لياري ، ڪجلو ڪٽوهر سميت خيرپور جي اوڀاري علائقن ۾ برسات جي پاڻي ۽ سمال ڊيم سونو صوبدار جي ٽٽڻ کان پوءِ سوين ڳوٺن ۽ فصلن ۾ 4 فٽ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻا گهر خالي ڪري مٿانهين علائقن ، روڊن ، رستن ، بندن ، ٿلهن تي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهن ، جڏهن ته پاڻي ۽ مڇر وڌي وڃڻ سبب مليريا ، زڪام ، کنگهه ، بخار سميت ڳوٺاڻن ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي ويون آهن جڏهن ته برسات جو بيٺل پاڻي پيئڻ ڪري چوپائي مال ۾ مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن ، پن افسوس آهي جو ضلع انتظاميه ۽ صحت کاتي برسات سٽيل علائقن جي عوام کي تڪليفن ۽ بيمارين ۾ ڏسي اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، هن سلسلي ۾ متاثرين ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بي ايڇ يو لونگ فقير ، بي ايڇ يو ڪوٽڏيجي ، بي ايڇ يو حسين آباد سميت ڀرپاسي جي مختلف اسپتالن کي پڻ تالا لڳايا ويا آهن ، جڏهن ته ضلع انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن پاران برسات سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي ڪابه مدد ناهي ڪئي .

  • ڪوٽڏيجي ۾ برساتن بعد ڪيترائي گهر ڊهي پٽ، احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل رحيم بخش وساڻ ۾ حاليه برساتن کانپوءِ پوءِ ڪيترائي گهرن جا گهر ڊهي پٽ  پئجي ويا گذريل ڏينهن ڳوٺ علي شير بگٽي ۾ ڳوٺاڻي اقبال بگٽي جي گھر جو ڇت اوچتي ڌماڪي سان ڪري پئي ڪو به جاني نقصان نه ٿي سگهيو گهر ۾ پيل کٽون، پيٽون سميت قيمتي سامان ملبي هيٺ اچي ويون ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻي اقبال بگٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته برساتن جي مسلسل پوڻ دوران گهر زبون حال ٿي ويو هو  جيڪو گذريل ڏينهن اچانڪ ڪري پئي شڪر آهي جو اسان اندر ڪونه هئاسين نه ته اسان جون لاش هجن ها اسان سڄي زندگي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا ٿا اچون جن پاران به سار سنڀال نه لهڻ ڪري مايوسي ٿي آهي نٽهڻ اس ۾ معصوم ٻچڙن سان گڏ کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهيون سگھ ناهي جو ٻيهر گهر ٺهرائي سگهان هن تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ڊپٽي ڪمشنر خيرپور اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي سميت وس وارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بينظير هائوسنگ اسڪيم مان گهر ٺهرائي مالي مدد ڪئي وڃي.

  • ٺٽي جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، انتظاميا گم

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي شھر جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿي سگھيو، رھواسي تڪليفن ۾ ورتل، مليريا  ۽ گيسٽرو ۾ اضافو، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو. ٺٽي ۾ برسات کي بند ٿيندي ھڪ ھفتو ٿي ويو آھي پر ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو توڙي پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن، جنھن جي ڪري ھڪ طرف رھواسين کي اچ وڃ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن ته ٻئي طرف وري مڇرن ۽ مکين ۾ اضافو ٿيڻ ڪري رھواسي مليريا، گيسٽرو سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي رھيا آھن. ٺٽي شھر جي وارڊ 2 جي ميربحر محلي مان ھڪ ھفتو گذرڻ جي باوجود برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري سمورو علائقو برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھي، برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري گندگي جو آزار وڌي ويو آھي. ان سلسلي ۾ مقامي رھواسين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو تہ ھڪ ھفتو گذري ويو آھي پر انتظاميہ برسات جو پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو، ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائيندن ۽ پ پ پ اڳواڻن کي شڪايتون ڪيون آھن پر ڪوبہ کڙ تيل ناھي نڪتو، علائقي ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن جنھن جي ڪري علائقي ۾ بدبوءِ وڌي وئي آھي، گندگي ۽ بدبوءِ سبب مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو آھي، ڪيترائي علائقي واسي مليريا سميت ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، جيڪي ھِن اسپتالن ۾ داخل ٿيل آھن پر اسپتالن ۾ بہ ڪي سھولتون نٿيون ملن. جڏھن تہ انتظاميہ مڇرمار اسپري بہ نٿي ڪرائي. ھنن مطالبو ڪيو تہ جلد ميربحر محلي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي ۽ رھواسين کي پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

  • برسات سنڌ جي تباهي ڪئي آهي، ازالو ڪبو: کيئلداس ڪوهستاني

قمبر شهداد ڪوٽ/ نصير آباد  ( نمائندن وٽان ) قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي گوٺ بٺي لشڪر ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان جي وفاقي ڪاميٽي براءِ رليف جي ميمبرن ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي کيئلداس ڪوھستاني چيو ته سڄي پاڪستان ۾برساتن سبب ايمرجنسي واري صورتحال آهي،  وزيراعظم پاڪستان ٻوڏ رليف لاءِ وفاقي ڪاميٽي ٺاھي آهي، جيڪي پاڪستان ۾برساتن ۾ ٿيل نقصان جو جائزو وٺندي ۽ اھڙي رپورٽ ٺاهي وزيراعظم پاڪستان کي ڏينداسين ته جئين برسات متاثرين مالي مدد ڪئي وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾برسات وڏي تباهي آندي آهي جنهن جي ڪري زراعت کي وڏو نقصان پهتو آهي.ان موقعي تي ايم اين اي مير عامر خان مگسي چيو ته ٻوڏ متاثرين جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي ان جو ازالو ڪيو ويندو ضلعي انتظاميا کي ھر قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جي لاءِ حڪومت مدد ڪري رھي آھي، پھريون دفعو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ڪم ڪري رھيون آهن ٻوڏ متاثرين جيڪي زرعي ترقياتي قرض آھن انھن جي مھلت ڏني ويندي فصلن جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڀاڻ ۾ سبسڊي ڏني ويندي ھن وڌيڪ چيو ته جيڪي گهر ڊھي ويا آهن انھن کي 5لک رپيا ڏنا ويندا ۽5لک سنڌ گورنمينٽ کان ۽5لک وفاقي حڪومت جي طرف کان ھر فوتي جي خاندان کي ڏنا ويندا ۽ھر زخمي کي 2 لک 50 ھزار روپيا ڏنا ويندا. ھن وڌيڪ چيو ته اسان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کي چيو آهي ته جلد برسات کان پوءِ ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي اسان کي رپورٽ ڏني وڃي،ڊي سي  قمبر شهدادڪوٽ ايٽ قمبر جاويد نبي کوسو آيل وفاقي ڪاميٽي کي برسات جي تباھ ڪارين بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي  ايم پي اي مير نادر خان مگسي ۽ ڊي جي پي ڊي ايم سليمان شاھ. ايريگيشن جا عملدار پڻ موجود هئا.

  • ٻنون جو اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل، احتجاجي مظاهرو

ٻنون (رپورٽ: امتياز سومرو) ٻنون جي گورنمينٽ ھائي اسڪول آڏو ڪافي ڏينھن کان گٽرن جو بيٺل گندو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف ٻنون جا شھري ۽ واپاري رستن تي نڪري آيا، انتظامي نااھلي خلاف سخت احتجاج، شھر ڏانھن  ويندڙ دڙو ٻنون روڊ ڪافي ڏينھن کان وٺي برساتن جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، ان سلسلي ۾ ٻنون جي شھرين ۽ واپارين سيد يار محمد شاھ، پرڪاش حسيني، سيد نياز حسين شاھ، عبدالستار پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين ھائي اسڪول آڏو گڏ ٿي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ٻنون جي شھرين سيد يار محمد شاھ، پرڪاش حُسيني ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته ٻنون شھر کي ھر دوُر ۾ مسلسل نظرانداز ڪيو ويو، ھنن چيو ته اليڪشن جو دھول وڄڻ شرط ڪافي ماڻھو ٻنون شھر جا والي وارث ٿي منظر عام تي ظاھر ٿيا آھن، پر شھر جي اصل مسئلن طرف ڪنھن جو به ڌيان ناھي، شھر ۾ پوندڙ برساتن سبب ڪافي ڏينھن کان دڙو، ٻنون اھم شاھراھ تي قائم ٿيل ھائي اسڪول ٻنون جي گيٽ وارو حصو مڪمل طور تي گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جنھن سبب اسانجا ٻچا ٻار ان گندي پاڻي مان لنگھي اسڪول پڙھڻ لاء وڃن ٿا ان کان علاوه اڄ کان ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري آھي جيڪو محرم الحرام جي مھيني تائين ھلندو رھندو جنھن ڪري ماتمي جلوسن کي اتان گذر ڏکيو لڳندو. ھنن ڊي سي سجاول ۽ ٻين حڪومتي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻنون ھائي اسڪول اڳيان مين برساتي پاڻي ۽ مين گٽر جي صفائي ڪرائي وڃي  ٻي صورت ۾  احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

  • خيرپور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

خيرپور (س ر) خيرپور جي ڀرڳڙي محلي جي رهواسين پاران برسات جي بيٺل گندي پاڻي ۽ گندگي خلاف ڀرڳري محلي کان ڊي سي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي ، ريلي جي اڳواڻي منتخب ڪائونسلر عبدالغني ڦلپوٽو ، مولوي ناظم  علي ، عاشق چانڊيو ، جمشيد علي ، مولوي امجد علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، مظاهرين ڊي سي آفيس خيرپور جو مين گيٽ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ميونسپل انتظاميه ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت خلاف سخت ناري بازي ڪئي ، مظاهرين چيو ته گذريل هڪ مهيني کان ڀرڳڙي محلي ۽ ڀرپاسي جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي ، ناليون ابتيون وهڻ شروع ٿي ويون آهن ، ميونسپل جو صفائي وارو عملو غائب آهي جنهن ڪري رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ، هنن ٻڌايو ته ڀرڳري وارڊ جي عوام بلدياتي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي رد ڪري جي ڊي اي جي اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو کي ووٽ ڏئي ڪائونسلر منتخب ڪيو آهي ، جنهن جي ڏوهه ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت ۽ ميونسپل جا عملدار عوام سان انتقامي ڪاروائيون ڪري رهيا آهن ، هنن مطالبو ڪيو ته ڀرڳري وارڊ مان برسات جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي ٻي صورت احتجاجي تحريڪ کي وسيع ڪيو ويندو . جڏهن ته هڪ ڪلاڪ جي احتجاجي مظاهري کان پوءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ضمير جاگيراڻي جي يقين ڏيارڻ تي ٻن ڏينهن لاءِ احتجاجي مظاهرو ملتوي ڪيو ويو .

  • گهوڙاٻاري تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل

گھوڙاٻاري  (رپورٽ سيد امير شاھه ڀاڏائي)سامونڊي پٽي گھوڙاٻاري جي يونين ڪائونسل جاڙادالي، يونين ڪائونسل مھر ۽ يونين ڪائونسل کاڻ ۾ تازين برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي، برساتن سبب ڳوٺ سيد نظر علي شاهه ڀاڏائي، محمد علي شورو جعفر ٻارڻ خليل ٻارڻ صابر ڪيھر قادر شورو مراداڻي شورڪي دوٻاء ديھون مڪمل ساڪرو سائوٿ سم نالو اٿلڻ ڪري پاڻي ھيٺ آيل آھن ڳوٺ قادر بخش جاڙو امير بخش لاشاريکمون ماڃريو سومار ماڃريو احمد جاڙو  آگيڏنو ڳاھو مولوي بخش خشڪ بچل ملاح غلام حيدر نوحاڻي ڳوٺ علي گوھر شاھ ڀاڏائي حمير چاڙو ۽ ڪارو زنگياڻي سميت سوين ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن ڳوٺن ۾  برساتي پاڻي بيھڻ ڪري  گندگي وڌڻ سبب مڇرن جو آزار خطرناڪ حد تائين پھچي ويو روزانو سوين جي تعداد ۾ مليريا بخار ۾ ورتل مريض رورل ھيلٿ سينٽر ور شھر سميت آس پاس جي اسپتال ۾ پھچن ٿا جتي مليريا بخار جي ٽيسٽ ڪرڻ جون ڪٽون ختم ٿي ويون آھن جنھنڪري علاج لاءِ دربدر ٿي ويا آھن مسڪين لاچار مريض عطائي ڊاڪٽرن جي خانگي اسپتالن جو رخ ڪري پاڻ ڦرائي رھيا آھن  اڪثر ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي  ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي  رورل ھيلٿ سينٽر ور جي ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ عوامي آواز کي ٻڌايو ته موجودھ برساتن سبب علائقي اندر  گيسٽرو ڊائريا خاص طور مليريا بخار  خطرناڪ حد تائين پھچي ويو آھي روزانو اسپتال ۾ ايندڙ 100مريضن مان 95سيڪڙو مريض مليريا بخار ۾ ورتل ھوندا آھن، جنھنڪري اسان وٽ مليريا ٽيسٽ ڪرڻ جون ڪٽون ختم ٿي ويون آھن  ھن چيو ته گيسٽرو ڊائريا عام بخار پڻ گندگي سبب وڌي ويو  آھي ڳوٺن ۾ مڇر مار ڦوهارو نه ٿيڻ ڪري  مليريا بخار وبائي صورتحال اختيار ڪري ورتي آھي، گندو پاڻي ڳوٺن مان نيڪال نه ٿيڻ ڪري وچڙندڙ بيمارين ڦھلجڻ جو خطرو لاحق ٿي ويو آھي، ٽائون ڪاميٽي گھوڙاٻاري انتظاميا گم ٿي وئي آھي ٽائون انتظاميا صرف نور نظر ماڻھن جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري رھي آھي باقي ڏورانھن علائقن جا سوين ڳوٺ اڃان تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن جن جو ڪوب ڌڻي سائين ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.