ڪنري ۾ حملي ڪيس جا 3 جوابدار گرفتار، واپارين جو ڌرڻو

ڪنري (ت ر) ٽه ڏينھن پھريان ڪنري ڀرسان عمرڪوٽ روڊ تي زيرو پوائنٽ وٽ نامعلوم ڪار سوارن جي مبينا فائرنگ سبب  نوجوان صادق ڪپري کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ ۽ ساڻس گڏ نوجوان ارشد راجپوت جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪنري ٿاڻي تي ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. فريادي ارشد راجپوت جي فرياد تي مرچن جي مشھور واپاري ۽ مرچ منڊي ايسوسي ايشن جي جنرل سيڪريٽري مصور احمد ڀٽي، سندس پٽ شاھد ڀٽي ۽ ميئنيجر مريد سلطان خلاف ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ارادي قتل، بڇ، فائرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته عمرڪوٽ مان ڪنري ايندي ڄاڻايل جوابدارن ڪار ۾ سوار ٿي رستا روڪ ڪري مارڻ جي ارادي سان مٿس فائرنگ ڪئي جنھن ۾ سندس ساٿي صادق ڪپري کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪنري پوليس ڪيس ۾ نامزد ٽنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. گرفتار واپاري مصور احمد ڀٽي جو چوڻ ھو ته اسان ڪورٽ مان پيشي ڏئي واپسي آياسين پئي ته پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي. اسان فائرنگ ڇو ڪنداسين، فريادي ڏانھن منھنجا لکين روپيا رھيل آھن جيڪا ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪري رھيو آھي. ڪوڙو ڪيس داخل ڪري نااحق ۽ ناانصافي ڪئي وئي آھي. ھوڏانھن واپاري ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندن گرفتاري خلاف تي ڪنري جي واپارين ۽ مزدورن ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي ڪنري ۾ ھڙتال ڪري منڍي کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻوليون ڪينسل ڪري ڇڏيو. جنھن بعد واپارين ۽ مزدورن جي اڳواڻن ميان سعيد آرائين، ايم سليم، مکي يڊسٽر، رسول بخش بلوچ ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته پوليس اسان جي واپاري تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري عزتدار ماڻھو جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته واپاري ۽ ٻين تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري فريادي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي ڪنري پوليس ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽنھي ڄڻن کي رمانڊ لاءِ فرسٽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس پاران عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي جانچ ڪرڻي آھي جنھن سبب جوابدارن جو رمانڊ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.