ڪراچي ( پ ر)آمريڪي حڪومت ڪورونا ۽ ٻين مرضن جي سڃاڻپ وڌائڻ جي خاطر موبائيل بايو سيفٽي ليبارٽري سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ، هي ليبارٽري پاڪستان جي پري پري وارن علائقن جي لاءِ فراهم ڪئي وئي آهي ، جتي ٽيسنگ۽ نگراني جا وسيلا گهٽ آهن، هن موبائيل ليبارٽري سان بيمارين جي فوري سڃاڻپ ، ٽيسٽ جووقت گهٽ ڪرڻ ۽ طبي عملي جي صحت جي تحفط جي حوالي سان مدد حاصل ٿيندي.