پني عاقل لڳ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان الهرکيو مھر موڃي ۽ اصغر مھمداڻي مھر وچ ۾ پراڻي تڪرار تان گذريل ڏينھن جھيڙو ٿي پيو ،گوليون لڳڻ ڪري  نوجوان علي گوھر عرف گورو پٽ خدابخش مھر موڃي مارجي ويو ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سلسلو وڌي ويو ،حد جي پوليس ڳوٺ جي چڱن  مڙسن معرفت لاش وصول ڪري پني عاقل اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد  لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جو مڙھہ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن جو گذريل ڪجھ مھينا اڳ سردار علي گوھر مھر جي سرپئنچي ھيٺ فيصلو ڪيو ويو ھو،  جنهن ۾ ٻنھي ڌرين جا مارجي ويل عورتن سميت 13خون ثابت ٿيا ھئا، ڌريون ھڪ ٻئي کي معاوضا ادا ڪرڻ بعد کيرکنڊ ٿي ويون هيون، ليڪن گذريل ڏينهن ڌرين وچ ۾هڪ ڀيرو  ٻيھرڇڪتاڻ وڌي وئي آھي آخري اطلاعن تائين ٻنھي ڌرين وچ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڪيو پيا ۽ وارث جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.