اڪري ڀرسان پورهيت جو گهر دردن جو داستان بڻيل

اڪري چودڳي (ن ع آ)اڪري ڀرسان ڳوٺ سرائي ڏاڙهون خان خاصخيلي واسي پورهيت محمدحسن خاصخيلي جو گهر دردن جو داستان بڻيل  آهي قدرت طرفان سندس کي حيثيت ۽برداشت کان وڌيڪ ڏک ۽آزمائشون سندس حصي ۾ آيا آهن سندس غربت ۽ دردن جي داستان جي ڪتاب ۾ سندس نياڻي حرمت خاتون ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پٽ فريد ڄنگهون سڪڙجڻ سبب بستري ڀيڙو ۽ هڪ پٽ فهيم حادثي سبب ڄنگهن کان معزور بڻيل آهي، جنهن سبب سندن گهر ۽ خاندان جي حالت رحم جوڳي آهي حيثيت کان وڌيڪ علاج ڪرائڻ باوجود مريضن جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪينسر ۾ مبتلا نياڻي حرمت خاتون ٻن ڀائرن سان گڏ التجا ڪندي چيو ته بابا هوٽل تي بيرو آهي 500 ڏهاڙي مان کاڌ خوراڪ به پوري ڪرڻ ناممڪن آهي اهو اسان ٽن مريضن جو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي غربت ۽ بيماري جي پڙلاءِ سبب هر ڏينهن اسان جي لاءِ محشر جو ميدان ثابت ٿي رهيو آهي، هن چيو ته بيماري ۽غربت جي تنگي سبب نه غم وڃين نه دم وڃين ٿو هن چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ سنڌ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وزيراعليٰ سنڌ، ڊي سي،ڊي ايڇ او خيرپور ۽ تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽سرندي وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته زندگي جي هن مشڪل وقت ۾ اسان جو علاج ڪرائڻ سان گڏ گهر جو گاڏو هلائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن پساھ پورا ٿيڻ تائين سڪون جي گهڙي نصيب ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.