ٺٽي ۽ ڀرپاسي هڪ ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو گيسٽرو ۾ مبتلا

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي شھر ۽ آسپاس ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ لڳي، ھڪ ڏينھن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻھو اسپتالن ڀيڙا، اسپتالن ۾ سھولتون اڻلڀ، صحت کاتي گيسٽرو بيماري تي ڪنٽرول لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا. ٺٽي  شھر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات کانپوءِ خطرناڪ بيماري گيسٽرو تيزي سان پکڙي رھي آھي، جنھن جي ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا ۽ وڏا ماڻھو گيسٽرو بيماري ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آھن. جڏھن تہ سول اسپتال مڪلي سميت مقامي اسپتالن ۾ سھولتن جي کوٽ ھجڻ ڪري گيسٽرو ۾ مبتلا ماڻھن کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي پر صحت کاتي ٺٽي جي انتظاميا گيسٽرو بيماري تي ڪنٽرول ڪرڻ توڙي اسپتالن ۾ سھولتن جي فراھمي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن. ان سلسلي ۾ گيسٽرو بيماري ۾ ورتل مريضن جو چوڻ ھو ته ٺٽي شھر سميت آسپاس وارن علائقن ۾ گيسٽرو بيماري تيزي سان پکڙي رھي آھي، جڏھن ته سول اسپتال مڪلي سميت مقامي اسپتالن ۾ ڪي به سھولتون ناھن، جنھن ڪري کين سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته گيسٽرو ۾ ورتل مريضن کي صحت جون سھولتون فراھم ڪري کين پريشانين کان بچايو وڃي.

  • ڀرياسٽي ۾ گيسٽرو وگهي ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙا فوت

ڀرياسٽي  (رپورٽ: مجيد ڪيريو) ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ تازين برساتن کانپوءِ 12 کان مٿي ڳوٺن ۾ گيسٽرو جو موذي مرض پکڙجي  ويو   آهي، ڳوٺ حبيب الله بروهي ۾ هڪ ئي گهر جون ٻه معصوم ڀينرون 4 ساله عليما ۽ اڍائي ساله وجيها ڌي محمد مراد بروهي فوت ٿي ويون،  جڏھن ڳوٺ جاڙو خان سولنگي 8 سالا نينگر عاقب سولنگي گيسٽرو وڳھي فوت ٿي ويو،  فوت ٿيل معصوم ٻارن جي گهرن ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ حبيب الله بروهي ، ڳوٺ جاڙو خان سولنگي ، ڳوٺ يار محمد بروهي ، ڳوٺ دلاور سولنگي ، ڳوٺ محمد صالح بروهي ۽ چاهين منومل  سميت ٻين ڳوٺن ۾ 30 کان مٿي معصوم ٻارڙا هدايت الله بروهي، جميلان بروهي، مريم بروهي، ايمن بروهي، تاج محمد بروهي، رسول بخش سولنگي ، مرڪ، سنڌو، لائبا، فردوس، زويا، سبين، سوميا، نور، دل نواز، سميران، محبوب، مختيار، سونيا، رابعيه، شھباز ، مھتاب ، سمير،  جاويد ، زاھد ، حزب الله سولنگي ۽ ٻيا گيسٽرو جي موذي مرض جي بيماري سبب بي يارو مدد گار گھرن اندر بسترن تي پيل  آھن، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد قاسم بروهي، بشير احمدبروهي ۽ ايوب سولنگي صحت کاتي خلاف سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان صحت کاتي کي  گيسٽرو جي موذي مرض بابت اطلاع ڪيو آھي پر هن مهل تائين ڪابه ڊاڪٽرن جي ٽيم نه پهتي آهي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته تازين برساتن کانپوء سخت گرمي گھٽ ۽ ٻوسٽ سبب ڪيترائي معصوم  ٻارڙا مرد توڙي عورتون ڊائريا ۽ گيسٽرو جي موذي وبا ۾ مبتلا ٿيل آهن، ھنن سيڪريٽري ھيلٿ ، ڊي جي ھيلٿ ۽ ڊي ايڇ او نوشھروفيروز سميت اعلي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺن ڏانھن صحت  کاتي  پاران ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.

  • جمال شاهه ۾گيسٽرو پکڙيل، طبي ڪيمپ لڳائي وئي

جمال شاھه (رپورٽ: مختيار مشوري)جمال شاھ ڀرسان يونين ڪائونسل مھراڙو جي  ديھ ڪنگو جي مختلف ڳوٺن حاجي علي بخش ڌاريجو، مال راھو، ڪوڙو خان زرداري، مير محمد مھر ۽ ٻين ۾ گئسٽرو پکڙجڻ جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ بعد PPHI اسپتال رمضان راھو جي انچارج ڊاڪٽر دعا ڌاريجو نوٽيس وٺي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مال راھو ۾ مفت طبعي ڪئمپ لڳائي مريضن کي تپاسيو ۽ انھن جو علاج ڪيو، جڏھن ته ھن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 300 مريضن جن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو،.  ۽ کين مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي علائقي واسين سوشل ورڪر ڊاڪٽر دعا ڌاريجو جا ٿورا مڃيندي چيو ته ھن اسان جي معصوم ٻارڙن جو مفت ۾ علاج ڪري اسان کي پريشاني کان بچايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر دعا ڌاريجو چيو ته ھي ٻھراڙيءَ جو علائقو آهي جتي اڪثر غريب ماڻهو رھن ٿا، جيڪي غربت سبب شھرن تائين پھچي نہ ٿا سگھن، جمال شاھ جي صحافين پاران گئسٽرو پکڙجڻ جون خبرون بريڪ ڪرڻ کانپوءِ اسان ھتي ڪيمپ لڳائي ھنن جو علاج ڪيو آهي، جيڪو اسان تي فرض پڻ آھي.

  • باقراڻي  ۾ برسات بعد مليريا ۽ گيسٽرو پکڙجي وئي، رهواسي پريشان

خير محمد آريجا ( ن ع آ )  صحت کاتي ضلعي جي نااهليءَ تعلقي انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ خير محمد آريجا ، جھنڊو سھڙو ، عبدالصمد تونيو ، پٺاڻ ، مڏباھو ، قلندر آباد ، قائم منڱڻ، پنجو ديرو، محمد واھڻ نئين گڏ، ڪڙيو ، رمضان سھڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برساتي گندو پاڻي بيھڻ ڪري زھريلا مڇر مکيون پيدا ٿيا آھن، جيڪي کاڌي پيتي جي شين تي ويھن ٿا جنھن جي ڪري سوين ماڻھو مليريا ۽ گيسٽرو ۾ وٺجي ويا آھن، راجا علي فيض علي گل ڪلھوڙو اظھار علي محبت علي سھڙو ، بھادر سھڙو حنا شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي ئي مليريا ۾ وٺجي ويا آھن سرندي وارا ماڻھو پرائيويٽ علاج ڪرائين ٿا پر مسڪينن غريب ماڻھو سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪن ٿا جتي سوين ماڻھن جي اچڻ جي ڪري انتظام صحيح نٿو ٿئي خير محمد آريجا جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فيض محمد ڏھر سيد ضرب علي غلام نبي آريجو سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آھي ته ڳوٺن ۾ ڪئمپون ھڻي، ھن مرض مان ماڻھن جي جان ڇڏائي وڃي نه ته اڃا به سوين ماڻھو ھن مرض ۾.متبلا ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.