ميهڙ ۾ آءِ بي اي پاس نون ڀرتي ٿيل استادن کي آجياڻو

ميھڙ (ت ر)گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول المدينه ڪالوني ميھڙ جي ھيڊ ماسٽر ۽ سينيئر استادن پاران آءِ بي اي پاس نون ڀرتي ٿيل استادن کي اسڪول جوائن ڪرڻ تي آجياڻو ڏئي گلن جا ھار پارائي  ڀليڪار ڪيو ، ان موقعي تي اسڪول ھيڊ ماسٽر ھادي بخش جتوئي ۽ سينيئر استادن عابد چانڊيو ۔شميم ٿيٻو ۔ علي حسن ۔ اعجاز سهول ۔ عبدالجبار ڪنر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي تمام گھڻي کوٽ ھئي، حڪومت سنڌ تعليم جي بھتري لاءِ سنڌ جي مڃيل اداري مان معياري ٽيسٽ وٺڻ بعد تعليم کاتي ۾ قابل ۽ ھوشيار نوجوانن کي ھڪ بھترين موقعو فراھم ڪيو آھي. ، آءِ بي اي ٽيسٽ بعد تعليم کاتي ۾ شموليت ڪندڙ قابل نوجوانن سان تعليمي سرگرمين ۾ اڃا به بھتري ايندي ، ان موقعي تي نوَن استادن پنھنجي اسڪول جي سينيئر استادن جي ھمٿ افزائي ۽ مان بخشڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اسان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ته جنھن ادارن مان اسان پڙھي اڳتي آيا سين انھن ادارن ۾ اسان استاد مقرر ٿيا آھيون اھو اسان لاءِ اعزاز آھي ھنن وڌيڪ چيو ته پنھنجي اسڪول جي سينئير استادن سان گڏجي تعليمي معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.