بٺوري ۾ موٽرسائيڪل ڦر، مزاحمت تي نوجوان زخمي

ميرپوربٺورو (ت ر)ميرپوربٺورو ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ نوجوان کان موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي زخمي، ايس ايڇ  او ميرپور بٺورو کي بدلي ڪيو ويو،انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان بدامني جي لهر برقرار آهي جنهن سبب ڳوٺاڻن شهرين کان ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، انهي سلسلي ۾ گذريل رات دير سان ميرپوربٺورو ڄار روڊ تي نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ ويندڙ نوجوان اعجاز کاڙڪ کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي.  ۽ مزاحمت تي کيس زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي ويا، جڏهن ته اهڙي واقعي بعد شهرين ۾ سخت تاء پکڙجي ويو ۽ سوشل ميڊيا تي پوليس انتظاميا خلاف ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ايس ايس پي سجاول پاران ميرپوربٺورو جي ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي کي بدلي ڪري مصري کوسو کي بٺورو ٿاڻي جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.