سکر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو نه آيو، 2 لکن جي چوري

سکر(رپورٽر) سکر پوليس چورن آڏو بيوس بڻيل، شهري جي گهر مان نامعلوم چور سونا زيور ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار، خبر موجب: سکر پوليس جي نااهلي سبب ڏوهي وارداتن تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، ان ڏس ۾  سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد صديقه مسجد واري علائقي مان نامعلوم چور فهيم احمد ولد يامين ملڪ جي گهر ۾ داخل ٿي ڏيڍ تولا سونا زيور ۽ 2 لک روپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته رات دير تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.