ميهڙ جي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جا منشي بدلي، 14 ڏينهن ڪوارٽر گهاٽ

ميھڙ (ت ر)ميھڙ ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون ميھڙ ۾ وڏن ۽ ننڍن منشين پاران پوليس اھلڪارن کي ويزا تي موڪلڻ وارين ۽ سماجي براين ۾ ملوث هجڻ  جي خبرن جو بروقت سخت نوٽيس وٺندي ميھڙ جي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي وڏن ۽ ننڍن منشين کي بدلي ڪري 14 ڏينھن ڪوارٽر گھاٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي ايس ايس پي دادو ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي غلام حسين سھاڳ ، ننڍو منشي شفيق احمد ناريجو ، ۽ ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي خدا بخش زرداري ۽ ننڍي منشي خالد جوکيو کي ھٽائي 14 ڏينھن لاء ڪواٽر گھاٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي.  ٻئي طرف ايس ايس پي دادو ھڪ حڪم ذريعي غلام محمد کي وڏو منشي بي سيڪشن ميھڙ ۽ سڪندر علي کي وڏو منشي ميھڙ جي اي سيڪشن تي مقرر ڪري فوري طور تي چارج وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي جڏنھن تہ ايس ايس پي دادو جي اھڙن حڪمن بعد ميھڙ سميت دادو ضلع جي مختلف ٿاڻن تي مقرر وڏن ۽ ننڍن منشين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.