نيوسعيد آباد ۾ مبينا طور قتل ڪيل نوجوان جو حيدرآباد ۾ لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) نيوسعيدآ باد ۾ هڪ ڏينهن اڳ اڻڄاتل ماڻهن پاران ڊوڙائي زخمي ڪرڻ بعد فوت ٿيل ذهني توازن وڃايل شخص غلام دستگير جو لاش وارثن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي فوتي جي وارثن ۽ الزام هيٺ آيل ڌر جي اصغر راجپوت ۽ ٻين چيو ته فوتي غلام دستگير کي نامعلوم ماڻهن ڊوڙائي ڊوڙائي زخمي ڪيو،  جنهن سبب هن اصغر راجپوت وارن جي گهر ۾ پناهه ورتي جن هن کي پوليس حوالي ڪيو، جنهن بعد هو فوت ٿي ويو، جنهن بعد پوليس اصل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پناهه ڏيندڙن جي ماڻهن جمشيد راجپوت ۽ شريف راجپوت تي سرڪاري فرياد تي هٿرادو ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوتي غلام دستگير تي تشدد ڪندڙ اصل جوابدارن جي ڳولا ڪري انهن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.