سکر ۾ پوليس نالي تي ڀتو وٺندڙ وائرليس آپريٽر گرفتار

سکر (رپورٽر  ) ڊي آءِ جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي کي مليل شڪايتن بعد سکر پوليس جي نالي تي ڀتو اوڳاڙيندڙ پوليس جي وائرليس  آپريٽر منور جوڻيجو کي آباد ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منور جوڻيجو سکر پوليس جي مختلف آفيسرن جي نالي تي منشيات وڪرو ڪندڙ اسمگلنگ ڪندڙن، آڪڙا پرچي ۽ شراب وڪرو ڪندڙن کان ڀتو وٺندو ه، ڊي آءِ جي سکر جي هدايتن تي پوليس اهلڪار منور جوڻيجو کي گرفتار ڪري مٿس آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.