مانجهند (ن ع آ)خاڻوٺ ڀرسان باز ڪنڊو انڊس ھاء وي تي ڪار ۽ لوڊر رڪشا وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ لوڊر رڪشا سوار منظورآباد واسي 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ محمد حسن کوسو ببلو ماڇي دودو ماڇي الهڏنو باريجو ۽ ٻيا شامل آھن، جنن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو جتي 40 ورهين جو محمد حسن کوسو زخمن جي تاب نه سھندي فوت ٿي ويو آهي . جنهن جي لاش جي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو خاڻوٺ ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ت ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾َڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.