ٽنڊو الهيار ۾ حد دخلين خلاف آپريشن، واپارين جو ڌرڻو

ٽنڊوالهيار( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار جي نصرپور روڊ جي ڊبل روڊ جي تعمير لاء روڊ تي قائم حددخلين کي هٽائڻ لاء انڪروچمنٽ پوليس  پاران هوي مشنري سان دڪانن کي ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته دڪانن کي ڊاهڻ خلاف دڪاندارن پاران مين حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا, ڌرڻي سبب روڊ جي ٻني پاسي کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي دڪاندارن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته صرف فارملٽي طور اسان کي 2 ڏينهن اڳ نوٽس ڏنا ويا ۽ اڄ هوي مشينري سان اسانجي دڪانن کي ڊاٺو پيو وڃي جيڪا اسان دڪاندارن سان ناانصافي آهي هنن چيو ته جيڪڏهن انڪروچمنٽ پوليس کي حددخليون هٽائڻيون آهن . ته اسان کي ڪجه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ها پر ائين نه ڪيو ويو هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته نصرپور روڊ جي دڪاندارن کي ڪجه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي جيئن اسان پنهنجو سامان آساني سان ٻي هنڌ منتقل ڪري سگهون ٻي پاسي انڪروچمنٽ پوليس جو چوڻ هو ته اسان ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ هاء وي کاتي جي عملدارن جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.