حيدرآباد ۾ پيرسن عورت جو پُٽ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر ) سانگهڙ جي ڳوٺ محراب لسڪاڻي جي رهواسڻ مسمات پيرسن صدوري لسڪاڻي پسند جو پرڻو ڪندڙ پٽ ۽ ننهن جي  اغوا خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام هڻندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ پٽ رياض لسڪاڻي پسند جي شادي ڪئي هئي، شادي بعد پٽ پنهنجي گهرواري زاهده ميرالي سان ڀٽ شاهه گهمڻ ويو، جتان زال سميت اغوا ٿي ويو آهي، جن جي گهڻي ڳولا ڪئي آهي، پر اڃا تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پيو. هن چيو ته کيس خدشو آهي ته پٽ ۽ ننهن کي قتل نه ڪيو وڃي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ ۽ ننهن کي بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.