مٽياري ۾گرفتار جوابدار وٽان منشيات ٺاهڻ جو سامان هٿ

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ٿاڻي جي  ايس ايڇ او مٽياري ايوب اوڍو چيڪنگ دوران نصرپور چوڪ وٽ ڪرولا ڪار کي روڪي تلاشي ورتي وئي  ته ان سيٽن جي پوئين حصن ۾ ڳجهي نموني سان مين پڙي جو 10 ڪٽا گاڏي ۾ موجود هئا ، جنهن بعد ڪار سوار کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن سندس نالو براد خان ولد دين محمد پٺاڻ ويٺل ڪراچي سهراب ڳوٺ  ظاهر ڪيو آهي ته اها مين پوري چرس آئون ٽنڊو آدم کان ڪراچي سپلائي لاءِ کڻي وڃي رهيو هيس. ڪار کي شڪ جي بنياد تي 550 تحت چالان ڪيو ويو آهي جنهن مٿان مٽياري ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.