خيرپور ۾ پوليس جي شھداءَ ڏھاڙي جي حوالي جاڳرتا ريلي

خيرپور (س ر) سند پوليس جي شھداء ڏھاڙي جي حوالي سان خيرپور پوليس ، واپارين ۽ سول سوسائٽي پاران ايس ايس پي  آفيس خيرپور کان جادو شاھ چوڪ تائين جاگرتا ريلي ڪڍي وئي ، ريلي جي اڳواڻي ،انجمن تاجران خيرپور جي صدر عاشق حسين عباسي ، يونين آف جرنلسٽ جي صدر سيد عبيد شاھ جيلاني ، ڊي ايس پي ھيڊڪوارٽر مھدي رضا آرائين ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا ، ان موقعي تي يادگار شھداء تي ڏيئا روشن ڪري شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  ، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شھيد جو موت قوم جي حيات آھي ، ھنن چيو ته سنڌ پوليس جا جوان عوام جي حفاظت ڪندي ، دھشتگردن سان مھاڏو اٽڪائيندي امن جي بھتري لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون آھن. ان موقعي تي واپاري اڳواڻ مظفر علي چنه ، محمد علي عباسي ، نظير احمد، چنه ،صحافي خادم ڪلھوڙو ، شاھد نواز سيال ، ارشد راجپوت ، شاھنواز ڪلھوڙو ، عامر لاشاري ، ارشد راجپوت، نواب سيال ۽ ٻيا موجود هئا.

  • نئون ڳوٺ لڳ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

نئون ڳوٺ (رپورٽ شمشاد علي ساھڙ) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ محراب خان لاکير ۾ پلاٽ جي مالڪي تان آڳرا برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ڏندا ۽ سروٽا لڳڻ جي  نتيجي ۾ محمد حسن آڳرو زخمي ٿي پيو جنھن کي راڌڻ ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر وٺڻ بعد وارث اسپتال کڻائي ويا اسپتال ۾ صحافين سان ڳالھائيندي زخمي جي بيوه امڙ خانزادي آڳرو ڳالهائيندي چيو ته ڪمال آڳرو مرتضي آڳرو منهنجي پٽ تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.