سيٺارجا لڳ چور ٽرانسفارمر لاهي سامان ڪڍي فرار، احتجاج

سيٺارجا (ن ع آ)سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ ڇتن شاه ٻاهران لڳل بجلي جو 200 پاور وارو ٽرانسفارمر گذريل رات دير سان نامعلوم چور چوري ڪري ويا ڳوٺاڻن اهڙو اطلاع سيٺارجا پوليس کي ڏنو سيٺارجا پوليس ۽ ڳوٺاڻن کوجي ڪتن ذريعي جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي ڏيپارجا ڀرسان ممتاز حسين لنڊ جي گهر هنيا سيٺارجا پوليس ممتاز حسين لنڊ جي پٽ عرفان علي لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو ڳوٺ ڇتن شاه بخاري جي ڳوٺاڻن اشفاق احمد, ضمير علي, الاهي بخش ويسر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيوآهي ته رات دير سان ڳوٺ ٻاهران لڳل ٽرانسفارمر چور لاهي سامان چوري ڪري ويا کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا آهن.  جنهن ۾ پوليس هڪ ڄڻي عرفان کي گرفتار ڪيو آهي هنن گهر ڪئي ته چوري ٿيل ٽرانسفارمر جو سامان جلد واپس ڪرائي ڏنو واضع رهي ته علائقي اندر 20 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر چوري ۾ اهيو گروه ملوث آهي اهڙو انڪشاف پڻ سامهو آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.