اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ڳورهاري عورت ٻار سميت فوت

اسلام ڪوٽ (ت،ر)اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڳورهاري عورت پيٽ اندر ٻار سميت فوت، خبرموجب:اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ ڳورهاري عورت پيٽ اندر ٻار سميت فوت ٿي وئي،ڳوٺ گوارڻ واسي 40 ورهين جي ناري رسولان زال اسماعيل خاصخيلي کي اسپتال آنڌو ويو،جتي هُو فوت ٿي وئي،رابطي دوران اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نهچل داس رابطي تي ٻُڌايو ته عورت جي پيٽ اندر چئن مهينن جو ٻارڙو هو،جيڪو اڳ فوت ٿي چُڪو هو،اسان اسپتال پهچڻ بعد مٺي ريفر ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار ڪري عورت جي وارثن کي مٺي وڃڻ جو مشورو ڏنو،پر عورت جي وارثن مٺي ريفر ٿيڻ کان انڪار ڪيو،جنهن بعد عورت رات جو 3 بجي فوت ٿي وئي،عورت جي پيٽ اندر چئن مهينن جو فوت ٿيل هيو،اُنهي جي نيڪالي لاءِ عورت کي اسپتال آنڌو ويو هو،ڊاڪٽرياڻي وڏي ڪوشش ڪئي پر عورت فوت ٿي وئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.