پني عاقل اسپتال ٻاهران موٽرسائيڪل بيهارڻ تان جهيڙو

پنوعاقل (رپورٽ:مبين انڍڙ )پنوعاقل ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ ٻاھران موٽرسائيڪل بيھارڻ تي پوليس اھلڪار ۽ عورت ٻکين پئجي  ويا ، ھڪ ٻئي کي چنبا ۽ ڌڪا ، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، رپورٽ موجب گذريل اربع جي ڏينهن پنوعاقل جي غريب آباد روڊ تي پرائيويٽ ڪلينڪ ٻاھران موٽرسائيڪل بيھارڻ کان منع ڪرڻ تي  پوليس اھلڪار ۽ عورت ٻکين پئجي ويا ماڻھن وچ ۾ پئي ڇڏائي ورتو، جڏهن تہ علائقي واسين جو چوڻ آهي تہ صفائي ڪندڙ عملي جي ھڪ نوجوان پاران موٽرسائيڪل ڪلينڪ وٽ بيھارڻ پئي چاھي تہ پوليس اھلڪار جي منع ڪرڻ تي صفائي ڪندڙ عملي جي عورت ۽ پوليس اھلڪار ٻکين پئجي ويا جنهن کان پوءِ عورت ۽ پوليس اھلڪار ھڪ ٻئي کي چماٽون وهائي ڪڍيو .  جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جڏهن تہ صفائي عملي جي عورت مٿان ھٿ کڻي چماٽون ھڻندڙ پوليس اھلڪار خلاف ڪنهن بہ نوٽيس نہ ورتو۽ نہ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.