مسلم ناري سان غيرقانوني شادي جو الزام، هندو نوجوان پوليس حوالي

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) هندو نوجوان پاران مسلمان ناري سان غيرقانوني طور شادي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار انيل ڪمار  ۽ ناري نتاشا راجپوت کي پوليس ٿرڊ جوڊيشنل مئجسٽيرٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت جوابدار هندو نوجوان انيل ڪمار کي هڪ ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو جڏھن ت ناري نتاشا کي سف هائوس منتقل ڪيو ويو آھي جن سڀاڻي (اڄ) ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پوليس ذريعن موجب ناري پاران هندو نوجوان پاران ساڻس نڪاح ڪرڻ واري بيان بعد پوليس نڪاح ڪرائيندڙ نڪاح خوان جي ڳولاھ شروع ڪري ڏني آھي جڏھن ته مسلمان ناري سان نڪاح ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل هندو نوجوان پاران پوليس کي نڪاح نامون ۽ نڪاح پڙھائيندڙ جي حوالي سان اڃا تائين ڪي به تفصيل نه ڏنا آھن ذريعن موجب پوليس کي ناري جو شناختي ڪارڊ هٿ آيو آھي جنهن ۾ ناري جي رهائش جو ايڊريس شور ڪوٽ ڪينٽ تعلقه ڪماليا ضلعو ٽوبا ٽيڪ سنگھ درج آھي جنهن بعد پوليس ناري جي وارثن سان رابطي جي ڪوشش تيز ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.