سنڌين جي ڳوٺن کي تحفظ ڏيڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو واکاڻ جوڳو فيصلو

ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه رکيو وڃي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ جو اهو فيصلو تعريف ڪرڻ جهڙو آهي جنهن ۾ هن ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين کي تحفظ ڏيندي، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ سميت 70 سنڌين جي ڳوٺن کي ڊاهڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هيءَ فيصلو ڪراچيءَ جي سنڌي ڳوٺن ۾ رهندڙ انهن سڀني ماڻهن لاءِ خوشي آڻيندڙ ته آهي ئي، جيڪي انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن پر ڪورٽ جي هن فيصلي مجموعي سنڌي ماڻهن کي به خوشي ڏني آهي، جنهن خوشيءَ جي پٺ ۾ اهو احساس پڻ آهي ته جتي سنڌ حڪومت ۽ ان جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ لينڊ مافيا جا اهي ڪردار جيڪي ڪراچيءَ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري حڪومتي مشنريءَ جي مليل تحفظ هيٺ سنڌي ڳوٺن جون زمينون ڦٻائڻ لاءِ رات ڏينهن حيران پريشان آهن ۽ حڪومت توڻي سندس آشيرواد رکندڙ ان عمل ۾ سرگرم آهي، اتي عدالت يعني انصاف گهرَ پاران سنڌي ڳوٺن ۽ گهرن جي تحفظ لاءِ فيصلو ڏيئي، نه فقط سرڪاري جي خوشامندي ڌرين ۽ ادارن توڻي شخص جي وائکائي ڪئي آهي پر عام ڪراچيءَ جي ڳوٺاڻن کي اهو احساس به ڏياريو آهي ته جتي حڪومتي مشينري پنهنجي ووٽ بئنڪ کي مضبوط رکڻ لاءِ، افغانين، برمين، بنگالين ۽ ملڪ جي ٻين حصن توڻي صوبن مان لوڌيل لشڪر کي هن شهر جون اهي مڙئي سهولتون ڏئي رهي آهي، جن جي ڪري هن شهر جا مستقل ۽ اصلوڪا رهواسي، هڪ طرف وسيلن غلط استعمال ڪرڻ واري عذاب مان گذري رهيا آهن ته ٻئي طرف هو انهن جي مڙني غلط ڪار گذارين سبب گُهٽجي به رهيا آهن، جنهن جو سنڌ حڪومت کي ڪو به احساس نه آهي.

هن شهر ۽ صوبي جا اهي ماڻهو جيڪي هتان جا رهواسي آهن، جن جو اول ۽ آخر انهن مڙني وسيلن تي بنيادي حق آهي، اهي انهيءَ حق کان محروم ته آهن ئي سهي پر انهن جي پيرن هيٺان، ڳوٺن کي ڊاهڻ واري حڪومتي عمل سبب زمين کسڪي رهي آهي، جنهن عمل خلاف انصاف جو گهرجون پوريون ڪندي سندن پيرن هيٺان کسڪندڙ زمين جو تحفظ ڪرڻ گهرجي.

ڏٺو اهو به ويو آهي، ته سنڌ حڪومت ۽ انهيءَ جي گهڻ گهرن مختلف وقتن تي جن ڳوٺن کي ليز ڪيو آهي، انهن ۾ وڏو انگ انهن ڳوٺن جو آهي، جيڪي ڪراچيءَ توڻي ان جي آس رهندڙ انهن نون غير سنڌين ۽ مٿي ڄاڻايل لشڪر جا آهن، حڪومت ان بدنيتيءَ کي لڪائڻ لاءِ ڪن سنڌي ڳوٺن کي پڻ ليز ڪرڻ جو اعزاز بخشو آهي ۽ وقت گذرڻ کانپوءِ اهڙو ڪو به اطلاع مشڪل سان مليو آهي ته انهن ليز ٿيل غير سنڌي ڳوٺن تي چڙهائي ڪري انهن کي ڊاٿو ويو هجي پر اهڙي اڻ تحفظ هجڻ واري ترار انهن سنڌي ڳوٺن تي سدائين لٽڪندي رهي آهي جن کي ليز ٿئي به ٽيهن چاليهن سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، تنهن هوندي به اهي سنڌي ڳوٺ الڳ الڳ وقتن تي ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن جن مان آخري مثال عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جو آهي، جيڪو حڪومتي هٿ هيٺ ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سڳوريءَ هاڻي جڏهن ڳوٺن کي نه ڊاهڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي ته نه صرف انصاف جي ساراهه ٿي رهي آهي، پر اهو يقين اندر۾ جاڳيو آهي انهن ڳوٺاڻن کي ته انصاف اڃا به موجود آهي، جنهن کي هو ياد جي پٽيءَ تان ميساري ويٺا هئا، ساڳئي وقت انهن سڀني، سياسي پارٽين، گروهن، شخصن جي پڻ واکاڻ ٿي رهي آهي، جن غازي ڳوٺ جي ڊاهڻ خلاف مزاحمت ۾ حصو ورتو آهي ۽ ڳوٺ واسين سان پنهنجائيءَ جو اظهار ڪيو آهي. يقينن انهن مڙني ڌرين توڻي شخصن جي مزاحمتي عمل جي ساراهه ڪرڻ جو هيءُ ئي موقعو آهي، اهي مڙي مٺ ٿيون ۽ هڪ سنڌي ڳوٺ ڊهڻ جو ڏک ڀريو آواز ڪورٽ سڳوريءَ تائين پهتو ۽ ڪورٽ سڳوري ان آواز کي ڪنائي پنهنجو فيصلو ڏنو ۽ هڪ اهڙو فيصلو ڏنو جيڪو نه صرف ڳوٺاڻن کي ياد رهندو پر ڪراچي اندر انصاف جي تاريخ ۾ پڻ ياد رکيو ويندو ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به سنڌي وسنديءَ کي حڪومت جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ لينڊ مافيا طرفان ڊاهڻ وقت تاريخ ۾ ورجائبو رهندو. ڇاڪاڻ ته اهڙو امڪان موجود رهڻو ئي آهي ته شايد! حڪومتي لينڊ مافيا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هن فيصلي کي نه مڃيندي سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي جيڪڏهن هي فيصلو ان دائري ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌين/اصلي رهواسين جون وسنديون گهڻين مافيائن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيون آهن جن ۾ حڪومتي ڪارندا پڻ شامل آهن.

ڪيئن به هجي ڪورٽ سڳوريءَ جيڪو فيصلو ڏنو آهي اهو ڪنهن به طرح ساراهڻ جهڙو آهي، اسان جو هنن ايڊيٽوريلين وسيلي ڪيل اظهار ماڻهن جي احساس ۽ اظهار جي ترجماني به سمجهڻ گهرجي ته ميڊيائي بنيادي حق به، جيڪو حق ڪو به سماج انهن ادارن کي ڏيندو آهي ته هو ماڻهن جا مسئلا حڪومتي ايوانن تائين پڄائڻ ۾ مددگار ٿين. ان حق جي پوئواري ڪندي ڪورٽ سڳوريءَ جي فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي.

ٿيڻ ته ائين گهربو هئو ته ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين کي تحفظ سنڌ حڪومت پاران ڏيڻ گهرجي ها جيڪا ئي سندن ووٽ تي جڙيل آهي. جيڪو ڪم حڪومت نه ڪري سگهي آهي اهو ڪم ڪورٽ سڳوريءَ ڪيو آهي ان ڪري ڪورٽ سڳوريءَ جو هي فيصلو ياد رکيو ويندو. تعريف هيٺ رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.