والاريل ڪشمير، 5 آگسٽ 2019ع کان هن وقت تائين …

تحرير: اصغر علي

5 آگسٽ 2019ع هڪ صدارتي حڪم نامي ۾ مودي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 170 Aجي قلمن کي رد ڪرڻ جو قدم کنيو، جنهن کي ڀارتي والاريل ڪشمير کي هندوستاني رياستن جي ٻين رهاڪن جي مقابلي ۾ ڌار قانونن تحت شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ بنيادي حقن تحت خاص حيثيت ڏني ئي، ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت کي رد ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪمشير جي لداخ جي ٻن مرڪزي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورهائڻ جا ڀارتي مقصد تڪراري علائقن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي جي نمائندگي ڪري ٿو.

5 آگسٽ 2019 ع کان پوءِ ، مودي حڪومت هندو انتها پسندن تنظيمن آر ايس ايس جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪرڻ لاءِ هندوستانين کي ڪشمير ۾ آباد ڪرڻ جي راهه هموار ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، 6 مارچ 2020ع تي حد بندي ڪميشن ۽ 31 مارچ 2020ع تي ڊوميسائل قانون جي لاڳو ٿيڻ کان علاوه مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ۽ ڪنهن به ريفرنڊم جي نتيجن کي متاثر ڪرڻ جي قطعي مقصد سان آبادياتي تبديلي هلندڙ آهي، آبادياتي تبڊيلي جي ايجنڊا جي حصي طور تي حدبندي ڪميشن مئي 2022 ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، حدبندي ڪميشن مرڪز جي انتظام هيٺ علائقن ۾ سمورن 90 اسيمبلي تڪن جا نقشا تبديل ڪري ڇڏيا آهن ۽ 1995ع ۾ ڪيل آخري حد بندي جي فهرست مان 19 موجوده تڪن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ يا حذف ڪرڻ کان علاوه28 نون تڪن جا جالا تبديل ڪري ڇڏيو ڪميشن ڄمون ڊويزن ۾ درج فهرست لاءِ نئين ڄمون ڊويزن ۾ 6 ۽ ڪشمير ڊويزن ۾ ٽن ۽ ڄمون ڊويزن ۾ درج فهرست ذاتين لاءِ ست سيٽون مخصوص ڪيون آهن، ڄمون ڊويزن ۾ ڪٺوعه، سانبا، راجوري، ڊوڊا، اڌمپور ۽ ڪشتواڙ ضلعن ۾ 6 نيون اسيمبلي سيٽون ٺاهيون ويون آهن،

ڪميشن هڪ تڪ جو نالو شري ماتا ويشنو ديوي به رکيو آهي، ڪشميرين جي خلاف 5 آگسٽ 2019ع کان ڊسمبر 2021ع تائين انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون آهن، جون 2022 تائين 98 عدالت کان مٿانهان قتل، 515 ڪشميري شهيد، 33 عورتون بيوهه، 82 ٻار يتيم، 172 ماڻهو زخمي ٿيا، 17139 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هيو، 1058 ملڪيتن کي نقصان پهتو،

انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جنوري 2021ع کان ڊسمبر 2021 تائين 210 ڪشميري شهيد، 17 عورتون بيوهه ، 44 ٻار يتيم 487 ماڻهو زخمي، 2716 ماڻهو گرفتار، 67 ملڪيتن کي نقصان پهتو، 1989 کان گهيري هيٺ آيل ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ڏوهن تحت 96046 ڪشميري شهيد. 22940، ڪشميري زخمي، 11246 عورتن جي لڄ لٽي وئي، 107855 ٻار يتيم 110451 گهرن ۽ انفرا اسٽرڪچر تباهه 8652 اجتماعي قبرون هٿ آيون آهن، 2014 کان ڪشميرين خلاف پليٽ گنز جو استعمال ڪري 120ڪشميري شهيد، 15500 شديد زخمي ٿي پيا، ذوميسائل 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ٿيا،

والاريل علائقي ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ريفرنڊم جي نتيجن کي تبديل ڪرڻ جي مقصد سان ڪشميرين کي هنن جي اباڻي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڀارتي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ( IIOJK) ۾ 3.4 ملين کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ جاري ڪياي ويا آهن، 2014ع کان حراست ۾ تشدد سان هن وقت تائين 30000 کان وڌيڪ ماڻهن کي بدترين قسم جي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي،

تشدد جي ٽيڪنڪي ۾ واٽر بورڊڊنگ، جبري فاقا ڪشي، ننڊ جي کوٽ ۽ لاشن کي ساڙڻ شامل آهي، ڊريڪونين قانونن ۾ خصوصي قانونن اهڙا ڍانچا ٺاهيا آهن جو قانون جي معمول واري راهه ۾ رنڊڪ آهن، جواب ۾ رنڊڪ وجهن ٿا ۽ ڪشمير رياست ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي متاثرن جي علاج جي حق کي خطري ۾ وجهندا آهن، 6 ڪارا قانون،1 ڄمون ۽ ڪشمير پبلڪ سيفٽي ايڪٽ، 2 دهشتگردي ۽ خلل وجهڻ واريون سرگرميون، ( روڪٿام) ايڪٽ، 3 آرمڊ فورسز( جي اينڊ ڪي) اسپيشل پاورز ايڪٽ، 4 ڄمون ۽ ڪشمير ڊسٽربڊ ايرياز ايڪٽ ، 5 دهشتگردي جي رڪٿام جو ايڪٽ، 6 غير قانوني سرگرميون( روڪٿام) ترميمي ايڪٽ والاريل ڪشمير ۾ لاڳو آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.