ٻار لاءِ ماءُ جي کير جي اهميت جو عالمي هفتو

تحرير: ايف اي گهانگهرو

هونءَ ته عام طرح هرننڍي يا وڏي سرڪاري اسپتال توڙي ڳوٺاڻي سطح تي سرڪار پاران ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي مختلف پروگرام ترتيب ڏئي ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن پر ڪن خاص ڏينهن يا هفتو ملهائڻ جي مناسبت سان هرسال عالمي سطح تي پهرئين کان ستين آگسٽ تائين ماءُ جي کير پيارڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ هفتو ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ عوامي هنڌن ۽ آگاهي وارن مرڪزن ۾ ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪري ماءُ جي کير پيارڻ جي اهميت ٻڌائي ويندي آهي.

هرٻار پوءِ اهو جهڙي به صورت جو هجي، پنهنجي والدين کي پيارو هوندو آهي  پر صحتمند ۽ عقلمند ٻار والدين ۽ خاندان جي اولين خوشي ۾ شمار هوندا آهن،اهي ئي ٻار اڳتي هلي اعليٰ عهدي جو مقام ماڻي والدين،خاندان ۽ مٽن مائٽن جو نالو روشن ڪندا آهن.صحت جي دنيا ۾ صحتمند ۽ عقلمند ٻار جي لاءِ ماءُ جي کير کي خاص اهميت ڏني وئي آهي.اسان وٽ سنڌ ۾ ڪمزور ٻارڙا پيدا ٿيڻ يا ڪمزور ٿيڻ جي ڪارڻن ۾ هڪ خاص سبب ٻار کي گهربل وقت (ٻن سالن تائين) ماءُ جو کير نه پيارڻ  يا گهٽ پيارڻ آهي.صحت جي بهتري ۽ اوڻاين بابت سروي ڪندڙ پاڪستان ڊيموگرافڪ هيلٿ جي سروي مطابق سنڌ ۾ پيدائش جي فورن بعد (هڪ ڪلاڪ جي اندر) ماءُ جي کير پيارڻ جي شرح 19.7 آهي جڏهن ته صرف ٻه فيصد مائرون ڇهن مهينن تائين صرف ۽ صرف پنهنجو کير پيارين ٿيون،ارڙهن فيصد مائرون ٻارڙن کي گهرج مطابق کير ۽ ٻي گهربل اضافي خوراڪ ڏين ٿيون.

بهتر صحت جي ڄاڻ رکندڙ ماهر ڊاڪٽرن ماءٌ جي کير جي اهميت ٻار جي پيدائش کان هڪ ڪلاڪ جي اندر ۽ پهرئين کير کان ئي شروع ٻڌائي آهي. ٻار جي پيدائش جي پهرين ٽن کان پنجن ڏينهن تائين ماءُ جوکير هيڊو ۽ گهاٽو نڪرندو آهي جنهن کي ماءُ جو پهريون کير ڪولسٽرم Colostrum سڏيندا آهن.هن کير ۾اهڙا جزا هوندا آهن جيڪي ٻار جي صحت ۽ واڌ ويجهه لاءِ نهايت ئي ضروري هوندا آهن.اهو کير ٻار کي پهرئين بچاءَ واري ٽڪي جي برابر فائدو ڏيندو آهي،سائي واري مرض کان بچائيندو آهي،ٻار جي پيدائش کان پوءِ هن جي ڪمزور آنڊي کي مضبوط ٿيڻ ۾سهارو ملندو آهي.پهرئين کير ۾ موجود وٽامن اي جي وڌيڪ مقدار جي سبب وچڙندڙ بيماري جي تيزي گهٽجي ويندي آهي.ٻار جي پيدائش کان ڇهن مهينن جي عمر تائين هن کي صرف ۽ صرف ماءُ جو کير پيارجي،ماءُ جي کير کان پهريان ڪابه شروعاتي يا اضافي غذا نه ڏيڻ گهرجي،ايتري تائين جو ٻار کي پاڻي به نه پيارجي ڇو ته ماءُ جي کير ۾ 87 سيڪڙو پاڻي موجود هوندو آهي.ان عمر وارن ٻارڙن کي پاڻي ڏيڻ سان دست يا ٻين بيمارين ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي،پاڻي ڏيڻ سان ٻار جو ماءُ جي کير تان ڌيان کڄي ويندو آهي جنهن ڪري ماءُ جو کير گهٽ ٿي ويندو آهي.هتي اها ڳالهه به لکڻ ضروري آهي ته ڪيتريون ئي مائرون ڇاتين ۾ کير نه هجڻ يا گهٽ هجڻ جون شڪايتون ڪنديون آهن ليڪن ميڊيڪل جي هڪ تحقيق مطابق حقيقت اها آهي ته صرف ٻه سيڪڙو مائرن ۾ کير قدرتي طور گهٽ ٿيندو آهي،ٻار جيترو وڌيڪ ماءُ جو کير پيئندو اوتروئي ماءُ جو وڌيڪ کير ٺهندو آهي.ماءٌ پنهنجي ٻار کي 24 ڪلاڪن ۾ اٺن کان ٻارنهن ڀيرا ۽ گهٽ ۾ گهٽ اٺن کان ڏهه منٽ پنهنجو کير پياري.ماءُ کي گهرجي ته هوءَ پنهنجو کير پيارڻ دوران پاڻ وڌيڪ خوراڪ استعمال ڪري.وڌيڪ خوراڪ وٺڻ سان جسماني قوت ۾ اضافو ايندو ۽ هوءَ ٻار کي کير پيارڻ سان گڏ گهر جي ٻين ڪمن ڪارن ۾ تڪليف گهٽ محسوس ڪندي.

عام طور ماءُ جي کير پيارڻ جا ڪيترائي فائدا آهن جنهن ۾ ٻار جي پيدائش کان پوءِ فوري طور ماءُ جو کير پيارڻ سان ويم کان پوءِ رت جو وهڻ گهٽ ٿي ويندو آهي.قدرتي طور غذا جون سموريون خاصيتون ٻار جي ضرورت مطابق ماءُ جي کير ۾ موجود هونديون آهن جنهن سان ٻار جو هاضمون بهتر رهندو آهي.تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته ماءُ جو کير پيئڻ وارا ٻار ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين هوندا آهن،ماءُ جو کير ٻار ۽ ماءُ جي رشتي کي مضبوط رکندو آهي.ذهن ۾ ياد رکڻ جون ضروري ڳالهيون هڪ ته ماءُ جو کير ٻاهرئين ڪنهن انفيڪشن ۽ اثرن کان محفوظ، بغير خرچ ۽ هروقت موجود رهڻ وارو بهترين کير آهي  ٻي ڳالهه ته تقريبن هرماءُ پنهنجي ٻار کي کير پياري سگهي ٿي،چند عورتن کي قدرتي طور ڪجهه ڏکيائون پيش اينديون آهن،ڪجهه عام طور مشهور بيماريون جيئن ٽي بي ۽ سائيءَ جو مرض انهن مرضن ۾ به کير پيارڻ منع ناهي ڪيو ويو،ماءُ جي ڇاتي جا ٻيا ڪيترائي مسئلا هوندا آهن جن جي ڪري عورتون کيرپيارڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن يا کير صحيح طرح ناهن پياري سگهنديون، پر تنهن باوجود ڪنهن عام عورت يا مرد جي چوڻ تي ٻار  جي ماءُ جو کير بند ناهي ڪرائڻو ۽ نه ئي وري انهن جي صحت معاملي تي ڪي ٽوٽڪا آزمائڻا آهن پر ٻار جو کير بند ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽوٽڪي کي آزمائڻ کان اڳ ڊاڪٽرن سان مشورو ضروري آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.