بلوچستان ۾ برسات ستايلن جا اهنج ۽ امداد جون سکڻيون دعوائون

تحرير: غلام حسين جوڻو

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ، جڏهن به ڪا قدرتي آفت ۽ مصيبت آئي آهي. جنهن ۾ ماڻهن جا اجها ڊٿا هجن. مال مويش مئو هجي. گهرو سازو سامان تباهه ٿيو هجي. ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو ماحول ڏسڻ ۾ آيو هجي. پوءِ اهي قدرتي آفتون ٻوڏن ، برساتن ، زلزلن ، باهين ، طوفانن ، بيمارين ۽ وائرس جي صورت ۾ آيون هجن. تڏهن سرڪار سڳوري متاثرين جي مدد لاءِ ، وڏا ، وڏا اعلان ڪندي آهي. عوام کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪري دنيا کي ٻڌائڻ گهرندي آهي ته ، حڪومت پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ ماڻهن کي مصيبتن ۾ ڪڏهن به اڪيلو ڪونه ڇڏيندي. عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ، حڪومت پاڻ پتوڙيندي رهندي.

آئون سمجهان ٿو ته ، اهي محض اعلان هوندا آهن. عملي ڪم گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. صرف دعوائون هونديون آهن. پر، هتي مدد ۽ واهر ڪرڻ جو جيڪو طريقئه ڪار متعين آهي تنهن موجب متاثرين تائين بروقت ڪا به شي پهچي ڪونه ٿي سگهي. اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته ، سڀ کان پهريائين وس وارن عملدارن جون گڏجاڻيون شروع ٿي وينديون آهن. انهن گڏجاڻين ۾ اهو طئه ڪيو ويندو آهي ته ، سروي ڪئي وڃي ته ڪهڙن ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي ۽ نقصان ڪيترو ٿيو آهي؟ ان لاءِ سروي آفيسر مقرر ڪيا ويندا آهن. جن کي سروي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. کين وڏي مدت ڏني ويندي آهي. جنهن اندر اها سروي رپورٽ پيش ڪرڻي پوي ٿي. پر، ان سروي رپورٽ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪرائي ويندي آهي. ڄاڻايل رپورٽ کان پوءِ ، ان جي جاچ پڙتال جو ڪم شروع ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڪافي وقت لڳيو وڃي. ان کان پوءِ ، مددي سامان ۽ رقم من پسند وڏيرن ، جيالن ۽ پنهنجا نوازش پاليسي مواقف ورهائي وڃي ٿي. اهي صاحب وري متاثرين ۽ غريبن کي ڪجهه به نه ڏيندا آهن. سڀ مال پاڻ ئي هڙپ ڪريو وڃن. ڪوڙو رڪارڊ ٺاهي مٿي موڪليو ويندو آهي. ان کان علاوه آفيسر به پنهنجو حصو پتي ڄاڻايل امداد مان ڪڍندا آهن. بهرحال ڪنهن ورلي غريب کي ٿوري يا گهڻي رقم به مليو وڃي ته اهي ان جا ڀاڳ چئبا پر ان ۾ مهينا ۽ سال لڳيو وڃن. ايستائين غريب ويچارا تڙپيو ، تڙپيو مريو وڃن. سندن ڪير به واهر ڪرڻ وارو ڪونه هوندو آهي. بس، کين آسري ۽ اميد ۾ رکيو آخر ۾ ڌڪ ڪڍيو ڇڏين پوءِ ، متاثر ويچارو پنڻ تي مجبور ٿيو پوي. ها ،البته ڪي مخير سندن مدد ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا آهن. هو، وس آهر ڪوشش ڪري کين سهولت فراهم ڪندا آهن ۽ ڪجهه اين جي اوز به بروقت انهن وٽ پهچي مالي سهائتا ڪنديون آهن.

هاڻ ، سانوڻي جي برسات پئجي رهي آهي. سڄو ملڪ برسات جي لپيٽ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ برسات جون تباهه ڪاريون به وسارڻ جوڳيون ڪونه آهن. سنڌ ۾ امداد ڪم ته ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. سنڌ کان بلوچستان وڌيڪ متاثر ٿيل نظر اچي ٿو. بلوچستان ۾ برسات جيڪا تباهي مچائي آهي. سا، ڪنهن کان لڪل ڪونه آهي. برسات ايتري ته گهڻي پئي آهي جو، ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. ڪيترائي ڪچا گهر اچي پٽ پيا آهن. کوڙ جهوپڙيون پلر جي پاڻي ۾ لڙهي ويون آهن. گهرو سازو سامان به پاڻي جي ور چڙهي ويو آهي. وڏين ، وڏين عمارتن جون ڇتيون ٽمڻ ڪري، انهن ۾ پاڻي بيٺل نظر اچي ٿو. فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن. خاص ڪري ميوات جا باغات جو گهڻو نقصان ٿيو آهي. روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن ۽ اتي برساتي پاڻي بيٺل نظر اچي ٿو. جنهن ڪري ٽرئفڪ جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي. ريلوي پٽڙين کي به نقصان پهتو آهي. ريل گاڏين جي اچ وڃ به متاثر ٿي آهي. مسافر ويچارا پريشان حال آهن. مطلب ته اتي زندگي جي ڪاروهنوار جو ڦيٿو بيهي ويو آهي. ماڻهن جي حالت قرين قياس جهڙي آهي. ماڻهو بي يارو مددگار ، کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن ۽ مدد ۽ واهر لاءِ واجهائيندا رهن ٿا. پر، سندن ڪا خاص مدد ڪونه ٿي رهي اهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف به متاثر علائقي جو دورو ڪري انتظاميه حڪم ڏنائين ته برسات سٽيل ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي في الفور مدد ڪئي وڃي. پر، هي سٽون لکڻ مهل اطلاع مليا آهن ته جن علائقن ۾ وزير اعظم صاحب دورو ڪيو. اتي به امدد پهچي ڪونه سگهي آهي. اتان جا رهواسي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اها اميد ۽ آسرو رکيو ويٺا آهن ته ، سرڪاري امداد اچڻ واري آهي. پر جيئن ته آئون ، اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته ، هتي امداد ورهائڻ جو جيڪو طريقه ڪار رائج آهي ان موجب ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا. جلدي ۾ واهر ٿيڻ ناممڪن آهي. پر، جيڪڏهن ترت امداد رقم  ۽ سامان اچي ٿو ته اهو ڄرڪن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ انهي لاءِ ڪرپشن جو هڪ رستو کليو وڃي.

تازو ، بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه چيو آهي ته ، ”آمريڪا ۾ به طوفان ايندا آهن ۽ اتي به امدادي ڪاررواين ۾ وقت لڳندو آهي“. سندس چوڻ جو مقصد ته ، هتي به ان ڪم ۾ وقت لڳندو ۽ دير ٿي سگهي ٿي. پر، ياد رهي ته ڄاڻايل بيان ڏيئي پاڻ کي امداد ڪاررواين جي ذميوارين کان آجو ڪري نه ٿو سگهجي. البته ايترو ضرور ٿيو آهي جو ، وزير اعظم پاران متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ غفلت ڪندڙ ڪن آفيسرن کي معطل پڻ ڪيو اٿن. هن برسات ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. وزير اعظم محترم شهباز شريف بلوچستان ۾ برسات سبب فوتين جي وارثن لاءِ ويهه لکن جي معاوضي جو اعلان پڻ ڪيو آهي. هاڻ ڏسجي ته ، اها رقم ڄاڻايل خاندانن کي ڪڏهن  ٿي ڏني وڃي. ان  اعلان تي عمل به ڪيو ويندو يا مورڳو خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان حوالي سان شڪ شهبا ظاهر ڪيا پيا وڃن ۽ هاڻي کان تنقيد ڪئي پئي وڃي. آڱريون کڄي رهيون آهن. ان بابت چند ڏينهن ۾ سموري صورتحال واضح ٿي ويندي.

هن وقت بلوچستان جو عوام تڪليف ۾ آهي. ان تڪليف کي محسوس ڪندي ، صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن کي هنگامي بنيادن تي مدد ڪرڻ گهرجي. مدد ڪرڻ ۾ سُستي کان ڪم نه ورتو وڃي. سرڪاري مدد جو  جيڪو طريقه ڪار رائج آهي. جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو اٿم. تنهن کي پٺ تي رکي متاثرين جي مدد کي يقيني بنائڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ ، عوام کي ڪو خاص فائدو حاصل ڪونه ٿي سگهندو. ان لاءِ حڪومت جي واهر ۽ امداد  واري طريقي ۾ ڦير ڦار ۽ نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن مضمون جي آخر ۾، آئون مخير حضرات کي گذارش ڪندس ته، هومصيبت ماريل پنهنجي ڀائرن جي مدد لاءِ ڪردار نڀائين ۽ اڳتي اچن. انساني ڀلائي وارن ادارن (اين جي اوز) کي به ڄاڻايل طبقي جي مالي سهائتا ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌائڻ گهرجي ته جيئن برسات جي پاڻي مان انسان ذات کي ڪڍي محفوظ ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي پهچائي سگهجي. هن وقت بلوچستان ۾ ٻوڏ وارو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.