ميران شاهه ۾ سيڪويرٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.

ترجمان ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته سپاهي انصار علي شهيد ٿي ويو، 30 ورهين جي شهيد انصار علي جو واسطو نارووال سان هو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.