ماءُ کي ٿڌا فرنچ فرائز ڏيڻ تي نوجوان ريسٽورنٽ جي ملازم کي گولي هڻي ڇڏي

 

آمريڪا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ نوجوان ماءُ کي ٿڏا فرنچ فرائز ڏيڻ تي ريسٽورنٽ جي ملازم کي گولي هڻي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب نيو يارڪ جي هڪ فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ ۾ نوجوان جو ماءُ کي ٿڌا فرنچ فرانز ڏيڻ تي اڳ ۾ انتظاميا سان جهيڙو ٿيو، هوءِ هن ملازم کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب سومر ڏينهن هڪ عورت ڪسٽمر طرفان ريسٽورنٽ انتظاميا تي الزام هنيو ويو ته کيس ٿڌا فرنچ فرائز ڏنا ويا آهن.

جنهن دوران عورت انتظاميا سان بحث ۾ مصروف هئي ته ان دوران هوءَ موبائل تي پنهنجي پٽ سان وڊيو ڪال تي به رابطي ۾ هئي.

عورت جو بحث ختم ٿيو ته ڪجهه دير کانپوءِ سندس 20 ورهين جو پٽ هوٽل ۾ داخل ٿيو ۽ ملازم سان جهيڙو شروع ڪري ڇڏيائين، ڏسندي ئي ڏسندي ڳالهه ايتري وڌي وئي جو عورت جي پٽ 23 ورهين جي ملازم کي ڪنڌ ۾ گولي هڻي ڇڏي ۽ پاڻ فرار ٿي ويو.

رپورٽن موجب گولي لڳن سان ملازم ميٿيو ويب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو ۽ هاڻ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.