ڪچي تيل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ اڄ به وڏي لاٿ ٿي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ انٽرميڊيٽ جي قيمت 88 ڊالر بيرل تي اچي وئي آهي، روس يوڪرين جنگ جي شروعات کانپوءِ اها آمريڪي ڪچي تيل جي گهٽ ترين قيمت آهي.

اڄ برطانوي ڪچي تيل برينٽ جي قيمت ۾ به 2.88 ڊالر گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ اهو 93.90 ڊالر في بيرل تي اچي ويو.

اها برينٽ جي 21 فيبروري 2022 ۽ آمريڪي ڪچي تيل جي 3 فيبروي 2022 کانپوءِ هيل تائين سڀ کان گهٽ قيمت آهي.

واضح رهي ته 24 فيبروري 2022 تي روس يوڪرين تي حملو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا هئا، جيڪي هاڻ گهٽجي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.