ميهڙ ۾ صحافين تي مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

 

ميهڙ ۾ صحافين تي مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ صحافي برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

عبدالستار چني، شڪيل عطار، عمران تيوڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف فراز چني، عامر، احسان جانوري ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ميھڙ ۾ ٿيل بدامني جي واقعن خلاف حق سچ لکڻ ۽ مظاھرن ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڏوهه تي ميھڙ پوليس سياسي ونگار وهندي صحافين مٿان دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي.

ھن مطالبو ڪيو ته آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جانچ ڪرائين، ڪيس فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.