مٽياري: پ ٽ الف جو پي ايس ٽي، جي ايس ٽي سيٽن ۾ سياسي مداخلت جو الزام

 

پ ٽ الف مٽياري جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مٽياري تعلقي جون پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون 100 کان وڌيڪ سيٽون سياسي مداخلت تي تعليم کاتي جي آفيسرن پاران ٻين تعلقن کي منتقل ڪيون پيون وڃن جيڪو تعلقي جي نوجوانن سان ظلم آهي.

پرائمري ٽيچر ايسوسيئيشن اڳواڻن سيد انارالدين . بشير احمد کتري . اسلم ميمڻ ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو آھي ته 100 سيٽون ٻين تعلقن ۾ منتقل ڪري مٽياري تعلقي جي نوجوانن سان ظلم ڪيو ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته مٽياري تعلقي جا 57 پرائمري اسڪول ھن وقت به بند پيا آهن سوين اسڪول صرف ھڪ استاد تي ھلي رھيا.

پ ٽ الف اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته مٽياري تعلقي جي ھڪ به سيٽ ھيڏانھن ھوڏانھن ڪئي وئي ته نوجوانن جي حقن ۽ استادن جي تحفظ لاءِ ھر قسم جو احتجاج توڙي قانوني رستو اختيار ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.