حيدرآباد ۾ رهواسين جو لاش رکي انصاف لاءِ احتجاج

 

نيو سعيد آباد جي رهواسين نوجوان جو لاش رکي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اصغر راجپوت جي اڳواڻي ۾ مظاهرين مقتول غلام دستگير جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

سندن چوڻ هو ته غلام دستگير نالي همراهه اسان جي گهر پناهه زخمي حالت ۾ پهتو هو جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس زخمي کي وٺي وئي ۽ بعد ۾ زخمي دم ڏئي ڇڏيو.

مظاهرين چيو ته اهڙي واقعي جو ڪيس پوليس جمشير راجپوت ۽ شرييف راجپوت تي داخل ڪري ڇيو آهي جيڪا نانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملو جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.