ڀان سيد آباد ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
محمد سومر، عجيب، عاشق پپو ۽ ٻين ٽائون آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ٽائون آفيسر خلاف نعري بازي به ڪئي.
مظاهرين جو ان موقعي تي چوڻ هو ته بنا جواز ٽائون آفيسر پگهارون روڪيون آهن جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون.
هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کين پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته شهر جي صفائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.