پراڻي دور جي مشهور ميڊيا پليئر ون ايمپ جي نئين انداز ۾ واپسي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ون ايمپ 2000 جي دور جو مشهور ميڊيا پليئر آهي جنهن کي 2013 ۾ شٽ ڊائون ڪيو ويو هو.

پر هاڻي اهو وري واپس اچي رهيو آهي ۽ ڊولپر ڪلاسڪ ايم پي 3 پروگرام جي 4 سالن بعد پهريون ڀيرو اپ ڊيٽ جاري ڪئي آهي.

سافٽ ويئر جي شڪل ۾ ڪا ڊرامائي تبديلي ناهي آئي پر اندر گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي.

ڊولپرز جو چوڻ آهي ته اهو انهن جي سالن جي محنت جو نتيجو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا سبب ان جي ٻيهر واپسي جي ڪوشش متاثر ٿي هئي.

ون ايمپ کي تڏهن گهڻي شهرت ملي جڏهن ايم پي 3 آڊيو فائلز کي ميوزڪ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.

ڊجيٽل اسٽورز ۽ ايپس جي اچڻ بعد ان جي شهرت ۾ گهٽتائي آئي ۽ ان جو استعمال گهڻو قدر متاثر ٿيو، جنهن بعد 2013 ۾ اي او ايل ڪمپني ان کي بند ڪري ڇڏيو هو.

پر 2014 ۾ هڪ ٻي ڪمپني ريڊيونومي ون ايمپ کي ورتو ۽ واعدو ڪيو ته ان کي پوڊ ڪاسٽ ۽ ريڊيو فيچرز وجهي ٻيهر ريڊزائين ڪيو ويندو.

حالانڪه هي نئون ون ايمپ رڳو ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم وارن ڪمپيوٽرز تي استعمال ڪيو ويندو ۽ گهڻا امڪان آهن ته ماڻهو اڄ به ميوزڪ ٻڌڻ لاءِ سمارٽ فون ۽ سمارٽ اسپيڪرز کي ترجيح ڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.