اڌ رات جو سجاڳي ڇا جي علامت هجي ٿي؟

 

ماڻهن جو خيال آهي ته رات جو سجاڳي بنا مسلسل 7 يا 8 ڪلاڪ ننڊ صحت لاءِ سٺي هوندي آهي پر نئين تحقيق ۾ بلڪل مختلف نتيجو سامهون آيو آهي.

ڊنمارڪ جي ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته رات جو ننڊ دوران ڪجهه وقت سجاڳي حقيقت ۾ سٺي ننڊ جي علامت هوندي آهي.

ڪوئن تي ڪيل ان تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته دٻاءَ سان جڙيل هارمون نارايڊرينالائن دماغ کي رات ۾ ڪيترائي ڀيرا جاڳائيندو آهي.

ڪجهه لمحن جي اها سجاڳي يادداشت کي بهتر بڻائڻ سان جڙيل هوندي آهي، ائين کڻي چئجي ته ان سان يادداشت بهتر ٿيندي آهي، ڇو ته گذريل ڏينهن جي واقعن کي ياد رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

تحقيق ۾ ته دعويٰ ڪئي وئي ته رات جو جيترا ڀيرا وڌيڪ دماغ متحرڪ ٿيندو، يادداشت ايتري وڌيڪ بهتر ٿيندي.

ان کان اڳ تحقيقي رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو هو ته نارايڊرينالائن هارمون ننڊ دوران غير متحرڪ ٿي ويندو آهي.

جڏهن اسان دٻاءَ جو شڪار هوندا آهيون ته جسم ۾ ان فارمون جو مقدار وڌي ويندو آهي ۽ ان تحقيق ۾ پهريون ڀيرو ننڊ دوران ڪوئن جي دماغ ۾ ان هارمون جي تمام گهڻي مقدار کي ڏٺو ويو.

محققن ٻڌايو ته جڏهن اسان ننڊ دوران دماغ ۾ ان هارمون جي سرگرمي کي ڏٺو ته اسان کي يقين نه آيو، هر هڪ جو خيال هو ته اهو سسٽم خاموش هوندو آهي ۽ هاڻ اسان ڄاڻون ٿا ته اهو ننڊ دوران ڪجهه وقت جي سجاڳي جي ڪنٽرول ڪندو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هارمون جي سطح ۾ واڌ ۽ گهٽتائي هڪ لهر جيان هر 30 سيڪنڊن ۾ ٿيندي آهي، هارمون جي وڌيڪ سطح تي دماغ ڪجهه لمحن لاءِ سجاڳ ٿيندو آهي ۽ گهٽ ٿيڻ تي وري ننڊ ۾ گم ٿي ويندو آهي.

دماغي سجاڳي جو اهو دورانيو گهٽ هوندو آهي ته ماڻهن کي ان جو علم ئي ناهي هوندو پر هارمون جي سطح جيتري وڌيڪ هوندي، سجاڳي جو دورانيو ايترو وڌيڪ هوندو، ان صورت ۾ فرد کي ان جو علم ٿي سگهي ٿو.

محققن ٻڌايو ته اها دماغي سرگرمين يادداشت کي منظم ڪرڻ سان جڙيل هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.