ڇا عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ٻي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ حڪومتي قانوني ٽيم ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي بريفنگ ڏني.

ذريعن موجب ان دوران وزيراعظم جي هدايت تي قانون واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کانسواءِ سڀني بيورو ڪريٽس کي اجلاس کان ٻاهر موڪليو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني.

ڪابينا پي ٽي آءِ قيادت خلاف پوليٽيڪل آرڊر 2002 تحت ڪارروائي ۽ پي ٽي آءِ خلاف ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.