عمران خان جو پرڏيهي فنڊنگ کي ناجائز مڃڻ کان انڪار، اليڪشن ڪميشن تي نوان الزام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته انهن کي خوف آهي، ڇو ته قوم پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺي آهي، قوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انهن اليڪشن ڪميشن کي استعمال ڪيو.

پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاج سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن سڀني سوچيو ته تحريڪ انصاف جو جنازي نڪري ويو، ماڻهن جي دلين کي الله ڪنٽرول ڪندو آهي، الله ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ اهي روڊن تي نڪتا.

هن چيو ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ اهي ڌانڌلي باوجود هارائي ويا، انهن پئسو لڳايو ته اسان جي پارٽي ٽٽي، اهي سدائين ادارن کي استعمال ڪندا آهن، ن ليگ جو وفد اليڪشن ڪميشن وٽ ويندو آهي ته فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪيو، انهن کي خوف آهي ته قوم سندن ڪنٽرول مان نڪرندي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن هڪ طريقو آهي، جنهن سان ماڻهن کي غلام بڻائڻو آهي، اليڪشن ڪميشن آرام سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي، مان ڪوشش ڪئي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين اچي ته جيئن ڌانڌلي نه ٿئي، اليڪشن ڪميشن انهن سان گڏجي ڪوشش ڪئي ته اي وي ايم نه آندي وڃي.

عمران خان چيو ته حقيقي جمهوريت جو مقصد حقيقي آزادي آهي، پئسن تي ماڻهو کپي رهيا هئا ته اليڪشن ڪميشن ڪو ايڪشن نه ورتو، جڏهن اسان ڪمپنين کان پئسا ورتا ته ان وقت قانوني طور اهو جائز هو، 2012 ۾ ٻاهرين ڪمپني کان پئسا اچي پئي سگهيا ۽ 2017 ۾ پئسا وٺڻ تي پابندي لڳي، سياسي جماعت پئسي بنا ڪيئن ٿي هلي سگهي؟ ٻن مافياز جي پارٽين وٽ پئسو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.